امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/10/2015

اوھان بن آس ایئن آھي

نظم

اوھان بن آس ایئن آھي

آس ٻٻر

اڪيلو مان بہ آھیان وو!
ٺڪاٹو ڪو،
نہ گھر ڪوئي.
ڀرئي گھر ۾ اڪيلو ئي
رھان ٿو پر
خدا ناھیان.
اڪيلائي اڃان ڀي جھير وانگي پئي ڪري من تي ۽ مان توکي سنڀاریان ٿو.
وڃایو ٻار میلي ۾ جيئن آھي
اوھان بن آس ایئن آھي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

وائــي

آس ٻـــٻــر

توکان پــوءِ اســان، رھجـي ویاسین پوئتي!

رسـتا اڙانـگـا ھـیـا، تـنـھـنـجـي شھر کـان،
رھجي ویاسین پوئتي!

تو وٽ شعر پڳا پرین ! پاٹ تہ آسن سان،
رھجي ویاسین پوئتي!

شـایـد پـیـر ڪچا ھـیا، ڦٽجي پیا تڏھان،
رھجي ویاسین پوئتي!

رسـتـا ھٿ نہ ٿا اچن، ڳولھي ڏیو نہ ڪٿان،
رھجي ویاسین پوئتي!

خـواب، رنـاسـیـن ایترو، ڪریا پنبٹین مان،
رھجي ویاسین پوئتي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن

غزل

عبدالحميد آس ٻٻر

ناهين ته ڏنگ سار جا هروار ٿا لڳن،
لمحا سمورا زندگيءَ جا دار ٿا لڳن.

مون کي ڏسي جهڪائي ڇڏيو ٿا اکيون پرين!
انداز اهڙا پيار جا اظهار ٿا لڳن.

هرهڪ سوال منهنجي تي هي نهڪرون عجيب،
انڪار بار بار ڀي اقرار ٿا لڳن.

سُنسان راهه؛ ماڻهو اڪيلو سفر ڪري،
ان ساڻ حوصلن جا به انبار ٿا لڳن.

ڀر ۾ رکن يا دور، ڪُهائي ڇڏن کڻي،
جيڪي وڻين خوب هو مکيار ٿا لڳن.

مرڪن ته رُت گلاب جي ڀر ۾ پسي وٺان،
خنجر هيانءُ اندر انڪار ٿا لڳن.

گلشن ٽڙي پوي ۽ چندرما کڙي پوي،
اهڙا ئي روپ ’آس‘ هُو سرڪار ٿا لڳن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان

غــــزل​

عبد الحميد آس ٻٻر
زنـدگـي! تنھنجي ضرورت جي پٺيان ،​
رات ڪــٽڻي ٿي پوي ڇت جي پٺيان ۔​
اک جــــو پــاڻي ئي سـڪندو ٿو وڃي ،​
رت ايــنـدو ڪــو نــہ آ رت جي پٺيان ۔​
ھــر چــڱـائـي کـوھ ڀيــڙي پـئـي ٿـئي ،​
مـــاڻھــو وينـدو آھ عادت جي پٺيان ۔​
بـيـقـراريون ٿــــــو کـڻي ھـر مـنـد ۾،​
واھ آدم !ھــــڪــڙي راحت جي پٺيان ۔​
ڪٿ اکيون ، ڪٿ دل ڏيڻ آھي لڳو ،​
آس ھـــاڻي آ ســـــخــاوت جي پٺيان ۔​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/02/2014

چنــڊ ڀـي ڪــو منتظر آ ، مون سان گڏ


غزل


عبد الحميد آس ٻٻر

چنــڊ ڀـي ڪــو منتظر آ ، مون سان گڏ،
ڪـيـتـرو خـامـوش در آ ، مون سان گڏ.

پھريــن پھريـن سـج مـون سان گڏ ھــيو،
ھـاٹ اکڙين ۾ ڪڪر آ ، مون سان گڏ.

ســـاھ جـي ڳــنــڍ ۾ ٻـــڌل نـيـاپـا کـٹــي ،
رات جــي چـادر سحر آ ، مون سان گڏ.

ٻالـڪـا ھـئـاسـيـن تــہ منھن روشن ھـيـو،
نرڙ تي گھنـج ۽ پگھر آ ، مون سان گڏ.

بـــيــقــراري ھــاٹ ســيـــرانـديءَ ســدا،
جـيءَ ۾ ڪـاڇــو ۽ ٿــر آ ، مون سان گڏ.

خـواب سـاڳـيــو آ کـٹـي پــر ڇـا ڪـجــي،
نـنــڊ ھــاٹـي مـخـتـصـر آ ، مون سان گڏ.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>