امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/02/2015

جي مان خواب هجان

وائي

ادل سومرو

جي مان خواب هجان
پل سڀئي ترسان
تنهنجن نيڻن ۾

آئي آهي او پرين !
ايڏي جوت ڪٿان ؟
تنهنجن نيڻن ۾

پاڻ بچائي لوڪ کان
اچي آءُ لڪان
تنهنجن نيڻن ۾

دل چوي ٿي مان سدا
پنهنجو عڪس ڏسان
تنهنجن نيڻن ۾



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/08/2013

سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي


غزل

ادل سومرو

سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي
ڇولين جي نغمگي بيچين هئـي

رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾
ڪيتري هو نرتـڪي بيچين هـئي

رات کي اُلڪا ورائــي هـا ويــــا
جھوپڙي ۾ ڪـا بــتي بيچين هئي

تنهنجي چپن تي اچي ها شعر ڪـو
ڊائريءَ ۾ شاعـري بيچين هـئي

شخص هر ڪو منتظر تـو لاءِ هـيو
شهر جي هر چودڳي بيچين هـئي

هــو اڃا طوفان گھــري ننـڊ ۾
ڇو ڏيئي جي روشني بيـچين هـئي

سـانوري برسات جان آئينءَ نـ تـون
منهنجي دل جي ڌرتتي بيچين هــئي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/03/2013

پيار کان جي ڌار آهي شاعري، سا به ڪهڙي يار آهي شاعري



غزل

ادل سومرو

پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تو ڏٺي پيار جي ڪا گهٽي ڪانه هئي


غزل

ادل سومرو


تو ڏٺي پيار جي ڪا گهٽي ڪانه هئي
توکي سڀ ڪجه هيو عاشقي ڪانه هئي

رات ريشم جيان روح تي ڄڻ لٿي
ياد تنهنجي جلي چاندني ڪانه هئي

تو ملڻ وقت اهڙو هو تاثر ڏنو
ڄڻ ته تو سان ڪڏهن دوستي ڪانه هئي

عيد آئي اسان جي اڱڻ تي ائين
درد جو رقص هو ڪا خوشي ڪانه هئي

تو ته مرڪي سڀن ڏي نهاريو مگر
تنهنجي مرڪن ۾ پنهنجي پتي ڪانه هئي

ڇو نه سمجهي سگهين پيار منهنجو پرين
ڳالهه مون جا چئي سا ڏکي ڪانه هئي

ڪنهن نه ڄاتو ته هن خودڪشي ڇو ڪئي
هن جي جيون ۾ ڪائي چمي ڪانه هئي

مون ته چاهيو پئي تون به لکندي رهين
مهنجي توڏي چٺي آخري ڪانه هئي







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مشورو


ادل سومرو


نور خاتون
توکي شاعريء سان
دلچسپي آهي
اها چڱي ڳالهه آهي
پر تون ڪنهن شاعر سان
ملڻ جي خواهش نه رکجان
ڇو ته شاعر ڪتابن ۽ رسالن ۾ ئي
وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندا آهن
جيڪڏهن تون
ڪنهن شاعر سان ملندينء
ته اهو توکي
شاعر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
۽ پوء
قافين ۽ رديفن جي
گهٽين ۾ گهمائي
تنهنجو پنهنجو
بحر ۽ وزن ئي بدلائي ڇڏيندو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جي دلين ۾ روشني آهي اڃان



غزل

ادل سومرو


جي دلين ۾ روشني آهي اڃان
دوستين ۾ روشني آهي اڃان

پيار جا ناتا سُڃاڻي ٿيون سگهن
ڪجهه اکين ۾ روشني آهي اڃان

ڪو به آکيرو نه ٿيو مايوسُ آ
جو پکين ۾ روشني آهي اڃان

آهي ديرو پيارَ وارن جو جتي
تن گهٽين ۾ روشني آهي اڃان

راههَ پنهنجي رات ڪيئن روڪي سگهي
ڏسُ بتين ۾ روشني آهي اڃان

ڏکَ ڏيئن جان ٻرن ٿا صُبح شام
جُهوپڙين ۾ روشني آهي اڃان





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اهو ئي ديس آ پنهنجو


”تماشو دردُ ٿو بڻجي“

ادل سومرو

اهو ئي ديس آ پنهنجو
سدائين گھا وَ هرڻين کي
چنبا ٿيا لالُ بگھڙن جا.

سرن تان چادرون ڇڪجن
گهٽِين ۾ عزتون ڌڪجن
ٽڪن تي فيصلا پڙهجن
ڪٿائون ڪيتريون لکجن
اِهو ئي ديس آ پنهنجو

ننگن تي تُهمتون ساڳيون
اُهي ئي ڏاڍَ جا جرگا
رُلن پيرن ۾ ٿيون پوتيون
سدائين ڌوڙ ٿيا پٽڪا
روشن سَڀُ ڪورٽون، ٿاڻا
انڌيرن ۾ ٻڏا ڀاڳيا.
اهو ئي ديس آ پنهنجو

تماشو درد ٿو بڻجي
خبر اخبار ۾ ڇپجي
اِهو انياءُ ڇا چئجي!
هُنن جا ڪوٽ هِن ڪارا
جتي سڀ رُوحَ هن قيدي
هِنن جا ڪوٽَ هِن ڪارا
ڇڏنِ ٿا سوچ کي وڪڻي.

اِهو ئي ديس آ پنهنجو
اسان کي پوءِ به پيارو آ.








مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

فنڪار اسين آهيون




غزل

ادل سومرو

فنڪار اسين آهيون
هُٻڪار اسين آهيون

جا عشق آهي پاتي
دستار اسين آهيون

گهرُ ناهي ڪو جن جو
سي ٻار اسين آهيون

ڪنهن پيارَ ڪهاڻيءَ جا
ڪردار اسين آهيون

تو کان ئي ويا وسري
ڇو يار اسين آهيون

انياءَ جي سيني ۾
تلوار اسين آهيون

ڪنهن ساز پُراڻي جي
ڄڻ تار اسين آهيون

ٿي دردُ ڏئي دُنيا
دلدار اسين آهيون




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تُنهنجي درَ تي ساهي آهي




غزل

ادل سومرو

تُنهنجي درَ تي ساهي آهي
اُن کان اڳتي کاهي آهي

تُنهنجي مُرڪ ملي آ مون کي
جيئڻ لاءِ الاهي آهي

هڪڙو پيارُ سلامت رهندو
سارو سانگُ تباهي آهي

تُنهنجي منهنجي دل جي وچَ ۾
پُل مون هڪڙي ٺاهي آهي

ڪڏهن به وڇڙي وينداسين
روح ته رڻَ جو راهي آهي





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي،




غزل 

ادل سومرو

ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي،
آرسيءَ کي مُنهن ڪهڙو ڏيکارجي !

هرڪا بازي هارجي آهي وئي،
هانءُ ٿو هاڻي رُڳو بس هارجي.

وقتَ پيرن ۾ لتاڙي آ ڇڏيو،
ويندڙن کي ڪيترو بيهارجي.

تُنهنجي باري ۾ چون ٿا راءِ ڏي،
سمنڊ بابت ڇا ڀلا ويچارجي.


خانقاهن ۾ گذاريو آ گھڻو،
ڪجھ ته رندن سان به گڏجي گهارجي.

ٻيو ته ارپڻ لاءِ ڪجھ ناهي بچيو،
پاڻ کي ٻوڙي به توکي تارجي.

ڪوبه ٻوٽو جي نٿا ٻاري سگھون،
ڪا ته وائي ڪو غزل ئي ٻارجي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/03/2013

سکر وانگر آهيان مان, تون آن روهڙيءَ جان , وچ ۾ پُل آ پيار جي



وائي

ادل سومرو

سکر وانگر آهيان مان
تون آن روهڙيءَ جان
وچ ۾ پُل آ پيار جي

تنهنجي منهنجي دوستي
آهي صدين کان
وچ ۾ پُل آ پيار جي

پرين تو کي پاڻ کان
دُور نٿو سمجهان
وچ ۾ پُل آ پيار جي

خواب اسان جا نِسريا
ٻنهي ڪنڌين تان
وچ ۾ پُل آ پيار جي
وچ ۾ پُل آ پيار جي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>