امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/07/2014

دروازي ۾ ديد آ سائين، تو بن ڪهڙي عيد آ سائين

سجاد مهر

دروازي ۾ ديد آ سائين، 
تو بن ڪهڙي عيد آ سائين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/02/2014

مون چنڊ چُميو چرچي خاطر, چوٻول مچي ويو تارن ۾

غزل

سجاد مهر

گل پوکيم تُنھنجن وارن ۾
ھُل پئجي ويو ڀَر وارن ۾

تو پشمي پير رکي پنھنجا
ڄَڻ ساھُ وڌو ھو چارن ۾

ھي عشق پيو ٿو ڦاسائي
ڪو ڀورن ۾ ڪو ڪارن ۾

مون چنڊ چُميو چرچي خاطر
چوٻول مچي ويو تارن ۾

گھرُ سارو چورَ ٻُھاري، بَس
قرآنَ ڇڏي ويا جارَن ۾

ھُو ڀونءِ سموري ڀيلي ويا
ڪو فرق نه پيو ڀوتارن ۾
____


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/03/2013

توکان ھوندي ڌار حياتي ڇا ھوندي؟



غزل

سجاد مھر

توکان ھوندي ڌار حياتي ڇا ھوندي؟
سوچ ته ٿورو يار حياتي ڇا ھوندي؟!

سوچن صدمن سڏڪن ۾ ھر پل ھوندي
ساجن تنھنجي سار حياتي ڇا ھوندي؟!

لولي لئه ليلھائڻ وارن جي جڳ ۾،
ڏيھ جا اوڏاتار حياتي ڇا ھوندي؟!

ڏينھن ڏکن ۾ راتيون روئڻ ۾ وينديون
نيڻين وھندا نار حياتي ڇا ھوندي؟!

ميرا، ڦاٽل ڪارا ڪپڙا شيو وڌيل،
اڻڀا سڻڀا وار حياتي ڇا ھوندي؟!

کيسي خالي پيٽ بکايل پورھيت کي
ننڍڙا ننڍڙا ٻار حياتي ڇا ھوندي؟!

سڏڙا ، سارا ، پھتا پيارا تو تائين
تنھنجي ڪن لاٽار حياتي ڇا ھوندي؟!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/02/2013

روز جهيڙي فساد ۾ ڇاهي ؟



غزل

سجاد مهر

روز جهيڙي فساد ۾ ڇا هي ؟
سوچ پنهنجي مفاد ۾ ڇا هي
؟

ڪو نه ڄاڻي سگهيو اڃا تائين،
عشق جي اعتماد ۾ ڇا هي
؟

ڌيان هن ڏي ڌرين ٿو ڇا جي لئـ
؟
اڄ جي ڪوڙي نقاد ۾ ڇا هي
؟

ماڻهپو ڀي کڻي لڄايو ٿي،
تنهنجي جذبي جهاد ۾ ڇا هي
؟

مسڪرائي سڏي ٿو مقتل ڏي
!
هاءِ! منهنجي جلاد ۾ ڇا هي
؟

سادو سودو صفا اياڻو آ
!
يار! تنهنجي ’سجاد‘ ۾ ڇا هي
؟


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/02/2013

آواز عورتن جا!، انداز عورتن جا!


غزل
سجاد مهر

آواز عورتن جا!، انداز عورتن جا!
انجام تي رسائن، آغاز عورتن جا!

ڇا تو وڄايا آھن؟ سڀ ساز عورتن جا!
ڄاڻي نه ڪو سگھيو آ، ڇو راز عورتن جا!؟

نينھن جا نشا ڏين ٿا، ڪي ناز عورتن جا!
ڇو مرد ٿي ويا ھِن، ھِتِ باز عورتن جا!

ھا! حُسنَ ۾ ھميشه، اعجاز عورتن جا!
ڏِسُ پاڻ ڀي ته آھيون، اعزاز عورتن جا!

حسن درس جي خوبصورت نظم کان متاثر ٿي لکيل



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>