غزل
عبد الواحد آريسر
ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، ڀيڄ ڀنيءَ ۾ ڪيئي ڪنول ٽڙيا،
جڏهن خوشيءَ ۾ مهڪيا، تنهنجا نيڻ نماڻا ها.
شعلا شعلا تنهنجون نگاهون، چپ ڄڻ آگ الا،
آءُ اياڻو ڪيئن ڄاڻان هي، مومل ماڻا ها.
ڪنڌ ڪپيل ۽ جسم سڄي تي، انڊلٺ ريکائون،
ڪنهن کي ڳولين پئي ڳهيلي، تنهنجا راڻا ها.
اڀ سڄي ۾ اڄ پيا ٽمڪن، ڪيئي ٽانڊاڻا،
ڪارونجهر مان رت ڦڙا جي ڪالهه اڏاڻا ها.