امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


01/06/2016

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ

غزل

گل حسن گل ٻرڙو

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾، روئندن کي روئاريو ويندو آ
دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي، نفرت سان نهاريو ويندو آ

بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين، ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين
انصاف هتان جو اهڙو آ، مظلوم کي ماريو ويندو آ

هِت جو به جلي سو ڪو نه ٺري، هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري
هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ

دل ڪانه هلي، چپ ڪو نه چُرن، سڪرات هجي ته به عاشق وٽ
محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ

دشمن جي کڻي پٿر به هڻي، جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي
پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ‘گل’ به اُلاريو ويندو آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>