امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/08/2018

عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي



عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي
ڪنهن نہ چاهيندي بہ آخر عيد ڪئي

صبح جو ڏيئي صدا گهر گهر پني،
گودڙيء ۾ آ گداگر عيد ڪئي

آسري امداد جي راهون تڪي،
ٿوهرن جي ٿاڪ ۾ ٿر عيد ڪئي

آجپو ڍل کان مهاڻن کي مليو،
ڪوڏ مان ڪيڏي تہ ڪينجهر عيد ڪئي

سر ڏئي سجدا ڪري ڌرتي چمي،
ڪات هيٺان آهہ ڪونڌر عيد ڪئي

خون سان اڇا جهنڊا ڳاڙها ڪري،
آ شڪاگو ۾ بہ ناصر عيد ڪئي

حق وٺڻ جي واٽ پورهيت کي ڏسي،
مرڪندي مزدور ليڊر عيد ڪئي

ماڻهپي جي منهن مٿي دانگي ملي،
آ اڊمبر ساڻ آمر عيد ڪئي

ڪنهن ڪئي ٰ گل ٰ مرڪندي ڪنهن سڏڪندي،
هر ڪنهن آ حال آهر عيد ڪئي

 (مقصود گل )



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/12/2017

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو


غزل

مقصُود گُل 

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو
باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو، ٻيو ڪو نه هو

مطلبي انسان جا سڀ رُوپ ظاهر ٿي پيا
جڳ ڏٺو هو جابجا، خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو

هُن چيو ”مذهب“ هُجي ۽ مُون چيو ”انسانيت“
سمجهَه جو ڦيرو هُيو، بس ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو

چنڊ تي پهتو وڃي، جھنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو
عرش وارن ڀي ڏٺو، ”انسان“ هو، ٻيو ڪو نه هو

هورڙيان پيرن منجھان ڌرتي وڃي پئِي کِسڪندِي
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا اُلڪو نه هو

مُلڪ جو نئين سر بڻايو آهه نقشو سازشن
مُون ڏٺو جاچي ته اُن ۾ سنڌ جو نقشو نه هو

هيٽرن تي بند ڪمرن ۾ سُتا، ڪنهن جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُرِيءَ ۾ جسم تي چولو نه هو

ڪاغذي ”گُلَ“ کوڙَ گڏُ گُلدان ۾ مهڪن پيا
پر ڪٿي ڪمري اندر سُرهاڻ جو سونچو نه هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2015

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو

غزل

مقصود گل

لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو،
باهه ڏيندڙ باغ کي، پنهنجو ته هو، ٻيو ڪونه هو.

مطلبي انسان جا سڀ روپ ظاهر ٿي پيا،
جڳ ڏٺو جاچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو.

روشنيءَ جي واسطي، جيڪو ڏيو روشن ڪيم،
سو جلائيندو جهڳيءَ کي، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.

چنڊ تي پهتو وڃي جهنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو،
عرش وارن پئي ڏٺو، انسان هو، ٻيو ڪونه هو.

هن چيو ”مذهب هجي“ ۽ مون چيو ”انسانيت“،
سمجهه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.

ٽهڪ پئي ماڻهن ڏنا، مون کي خبر ناهي، ته ڇو؟
لاش هو فوٽ پاٿ تي، بس ٻيو ته ڪو رؤنشو نه هو.

هيٽرن تي، بند ڪمري ۾ ستا ڪنهن جا ڪتا،
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُريءَ ۾ جسم تي چولو نه هو.

ملڪ جو نئين سر بنايو آهه خاڪو سازشين،
مون ڏٺو جاچي ته ان ۾ سنڌ جو نقشو نه هو.

هورڙيان پيرن منجهان ڌرتي وڃي ٿي کسڪندي،
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا الڪو نه هو.

ڪاغذي گل کوڙ گڏ گلدان ۾ مُرڪن پيا،
پر ڪٿي ڪمري ۾ ڪو سرهاڻ جو سونچو نه هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/10/2015

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا

غزل

مقصود گل

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا،
کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون ٿا.

نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي،
دکم دکم ته به سرور سمجهي، سرود سرگم کنيو وتئون ٿا.

حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي،
عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون ٿا.

نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون، پيئاريون،
خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون ٿا.

حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي،
گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون ٿا.

محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي،
ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا.

اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو،
دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي، عجيب عالم کنيون وتئون ٿا.

اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا ورهايون،
ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو

نظم

مقصود گل

وقت گذري نٿو، وقت گذري نٿو،
توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو.

چنڊ جي روشني ٿي وئي آ جهڪي،
مرڪ تارن کان ڪنهن ڄڻ کسي آ وتي،
ڀاڳ جو ڪو ستارو به اڀري نٿو وقت گذري نٿو.

ڄڻ ته موسم کي وئي آهه ڪينسر وٺي،
مُرڪ گلڙن جي منهن تي نه ڪنهن آ ڏٺي،
ڪوبه غنچو خوشيءَ جو ته نسري نٿو وقت گذري نٿو.

وقت جي پيرڙن ۾ لڦون ٿي پيون،
وقت کان اڄ وکون ڄڻ ته وسري ويون،
فاصلو وقت کان ڪو به نبري نٿو وقت گذري نٿو.

”گل“ ۽ مکڙيون ويون ڄڻ ته ڪومائجي،
ڀاڳ جي عرش تي وئي غمي ڇانئجي،
تنهنجو نالو مٺا يار وسري نٿو وقت گذري نٿو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/01/2013

اندر ۾ ڪو عڪس اُتاري، جيئندي آ


”مقصود“ گل

غزل

اندر ۾ ڪو عڪس اُتاري، جيئندي آ،
دلڙي منهنجي پيار پَناري، جيئندي آ.

نيڻ وسن ٿا، توکان ڌار ٿيان ٿو جي،
آب اکين مان هر هر هاري، جيئندي آ.

تاريخن ۾ جيڪي جيڪي عڪس مليا،
تن مان اُجرا عڪس اُجاري، جيئندي آ.

ڪنهن به ڏنو آ، جنهن به ڏنو آ، جيڪو سور،
دلڙي سڀ ڪو درد سنڀاري، جيئندي آ.

ارغوني اولاد اڃان ٿو اُلري پيو،
همٿ پوءِ به هانءُ نه هاري، جيئندي آ.

ڀٽَ ڌڻيءَ کي اڄ به ملي ٿو زهر پيو،
پوءِ به سارا وهم وساري، جيئندي آ.

سنڌوءَ جي درياهه ۾ رڻ پٽ جاڳي پيو،
ڌڙڪي دلڙي سُڏڪا ساري، جيئندي آ.

ڦوڪن سان جو سج وِسائڻ چاهي ٿو
ٻهڪي اُن تي لعنت ٻاري، جيئندي آ.

سچل! تُنهنجي سوچ برابر سُرهي آ،
سُرها سُرها ساهه اُٿاري، جيئندي آ.

’گل‘ جي خوشبو آهه گهڙي کن جي لئه پر،
پوءِ به ڪيئي ساهه سنواري، جيئندي آ.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>