امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

ڇا ته پُر اثَر آهي هوا ڄامشوري جي



غزل

ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

ڇا ته پُر اثَر آهي هوا ڄامشوري جي،
مُنوَر ۽ معطر آهي فِضا ڄامشوري جي،

عشق ۽ حُسَن جو سنگم وڏو آ،
ڏاڍا ماڻھو ٿي موهي ادا ڄامشوري جي،

شام شَفَقَ ڌاري ڇا ته خوشبوءِ آ،
ھر ھنڌ آ عام سَخا ڄامشوري جي،

هِتي سونهن ٿي تَجَلا ڏِئي چنڊ جيان،
چئو طرف ٿي گونجي صَدا ڄامشوري جي،

هتي علم جا اَڪابَرَ ۽ مسِيحا رهن ٿا،
بيمارن لاءِ آ مشھور شَفا ڄامشوري جي،

هي شهر ته پرين جو ديس ٿو سڏجي،
”قربان“ ڪري ته ڇا ثَنا ڄامشوري جي.


 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>