امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/06/2020

ايئن چئي موت کي روڪيو هوند

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو
منھنجي ئي درد جو قصو هوندو

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا
موهه تنھنجي جو ڪرشمو هوندو

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا
دل جي ليکي تہ ڪو اچڻو هوندو

جنھن جي چاهت جون ڪھاڻيون مشھور
"تاج" ماڻھو بہ عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/10/2015

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾

غزل

تاج بلوچ

زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.

بند کڙڪيون مِينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
شخص ڪو رسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.

وِرههُ ورهين جو ۽ آئي آهين، لحظي واسطي،
هر گهٽيءَ ۾ شور آ، ڪهرام تنهنجي شهر ۾.

رنگ ۽ خوشبوءَ جا سارا سلسلا، تنهنجون گهٽيون،
دل جو پر ويران آهي گام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي گهر ۾، صبح جي ٽهڪن جو هوندو سوجهرو،
مون کي ٿي وئي روئندي روئندي شام تنهنجي شهر ۾.

تنهنجي در تي عاشقن جا مون ڏٺا ڪيئي هجوم،
پوءِ تنها، مان ئي ڇو بدنام تنهنجي شهر ۾.

نانءَ ڪيئي ٿي پيا منسوب تنهنجي نانءَ سان،
پر مليو مون کي ئي آهي نام تنهنجي شهر ۾.

منهنجي چاهت جو ڪرشمو، تنهنجي نفرت جو ڪمال،
تنهنجو نالو ٿي ويو بدنام تنهنجي شهر ۾.

پيار تنهنجي کان سواءِ، ڪنهن تي نه اک منهنجي ٻُڏي،
هونئن ڏاڍا ٿي پڳا پيغام تنهنجي شهر ۾.

سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.

گفتگو تنهنجي ته موهي ”تاج“ کي ماري ڇڏيو،
ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس، طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس


غزل

تاج بلوچ

هُو کِليو، مان ڀي کِلي روئي پيس،
طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.

هاءِ، هي چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،
دل ۾ تاريڪي پسي روئي پيس.

بي ثباتي باغِ عام جي ڏسي،
ڪا جڏهن مُکڙي ٽڙي، روئي پيس.

خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،
عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.

ڪنهن ستايل آهه شايد دانهن ڪئي،
دل کي جو آئي ڇڪي، روئي پيس.

صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،
شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.

ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،
ڪوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.

آبرِ باران ۾ هيو هو چشمِ تر،
’تاج‘ کي روئندو ڏسي، روئي پيس.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان


غزل

تاج بلوچ

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان،
سپنا ساڀيا نه ٿيا، پاڻ جي پلڪن تي سجايا جانان!

جيڪي ٽانڊاڻا سيهه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
محض اُهڃاڻ جيان، هاڻ سي ڳڻجن ٿا ستارا جانان!

هاءِ، اونداهه غفائن ۾ نڌڻڪا ٿي مُئا ها جيڪي،
وس ويرين جي ٿيا، تن جي نصيبن جا وسيلا جانان!

نينهن بي باڪ به هو، سُرت جي تهمت کي نه سهسائي سگهيو،
موه تنهنجي ته مگر هن کي وڏا ناز کڻايا جانان!

ڳوٺ تنهنجو ته پري ناهه، پري ناهه، پري ڪو ايڏو،
تنهنجي شهرت جي حوالي کان ڏکيا سارا حوالا جانان!

پاڻ آدابِ محبت جي طريقن کان شناسا به ڪٿي،
تنهنجي پاٻوهه ئي سيکاريا اسان کي ته سليقا جانان!

فوقيت عشق ۾ سورن کي ڏني پاڻ سدا ’تاج بلوچ‘
سک جيڪي به مليا، تنهنجي ئي صدقي ۾ سمورا جانان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان


غزل

تاج بلوچ

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان،
هِنَ جُڳَ جي لئي مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آهيان.

مستي ته ڏسو، هستي ته ڏسو، انداز ڏسو شهزوريءَ جو،
ان جيئن ڇُلي، اکين ۾ سڄو مهراڻ کڻي آيو آهيان.

پيشاني لهوءَ ۾ لال اٿم، سينو به ڦٽيل ۽ جسم ڌڪيل،
غاصب کان پلئه جيڪي به پيم، تو ڪاڻ کڻي آيو آهيان.

مقتل ڏي هلو، پٺتي نه ڏسو، هي رسم ادا هر بار ڪيو،
’دودي‘ جي ڏسيا، ’دريا‘ جي ڏنا، اهڃاڻ کڻي آيو آهيان.

سرمست هئا، سرويچ هئا، رت ريج ڏنو جن ڌرتيءَ کي،
ان پاڪ مٽيءَ مان مُٺِ ڀري، ڳاڙهاڻ کڻي آيو آهيان.

وارن کي ڇنڊي، خوشبو کي پکيڙي، ’تاج‘ ڀلي محبوب نه ڪو،
پورهيت جي پسيني مان جا ملي، سرهاڻ کڻي آيو آهيان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام، ان سوا زندگي ڪڙي آهي


غزل

تاج بلوچ

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام،
ان سوا زندگي ڪڙي آهي.

جام ڏي، ساز کڻ، ڪو ڇيڙ غزل،
منهنجي گردش ۾ دل اڙي آهي.

دل جو آباد شهر توکان سواءِ،
ڄڻ ته واريءَ جي ڪا دڙي آهي.

تلخيِ وقت جو خوف اٿم،
منهنجي ساغر ۾ وهه ڳڙي آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو، سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو


غزل

تاج بلوچ

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو،
سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو.

ڪمرو سڏڪن سان ٻُري پيو هوندو،
ڪو رٺو هوندو ڪو پرتو هوندو.

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو،
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو.

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو،
منهنجي ئي درد جو قصو هوندو.

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا،
موھ تنهنجي جو ڪرشمو هوندو.

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو!
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو.

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ،
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو.

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا،
دل جي ليکي تو ڪو اچڻو هوندو.

جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،
”تاج“ ماڻهو به عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو


تاج بلوچ

غزل

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو،
رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو

ايترو ترت ڪٿي آڻ مڃڻ وارو هو،
هُو ته پاڳل هو اصولن تي مرڻ وارو هو.

رنگ،خوشبو ۽ سڄي سونهن ڪٺي ٿي گس تي،
ڪو وڏو پنڌ هڻي، ڳوٺ اچڻ وارو هو.

هن جي اکين مان پريشاني ٽميو ٿئي الڪو،
شام جو پهر جڏهن ويجهي پوڻ وارو هو،

آءُ صحرا جي سفر تان نه ڪڏهن موٽان ها،
قافلو درد جو پويان جي اچڻ وارو هو.

نيڻ راهن مان کڻي ڪين کڻان ها ڪڏهن،
ٿورو ڄاڻان ها وري ڪين ورڻ وارو هو.

گهر جون کڙڪيو تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
پنهنجي پورن ۾ گهٽيءَ مان ڪو مٽڻ وارو هو،

شخص گم آهي، نگاهن جي هجومن ۾ ڪٿي،
زهر تنهائي جو ڪڏهين جو پيئڻ وارو هو.

سونهن ڪمزوري برابر ته هئي تان بلوچ،
پر هو ڏاهپ تي مري ساهه ڏيڻ وارو هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>