غزل
ماهين هيسباڻي
اي سنڌ مون، تو لاءِ ڄڻيو سنديار آ،
ماڻهو مِٺو هي مُحسن، يارن جو يار آهي.
خدا جي قهر کان ڊڄو، ڪافر نه چئو مونکي،
جنت کان وڌ چوٽ جو، سنڌوءَ سان پيار آ.
ماکي نه آهي اهڙي مِٺي، جهڙي زندگي،
اهڙي نه ٿي کپي جا، ڌرتيءَ کان ڌار آ.
جُڳن کان جنگ پيو وڙهي ۽ سنڌ لئه سڙي،
ظالم ڪيو صدين کان، جنهن کي سنگسار آ.
سيد پيئاري سُرڪ آهي، جنهن کي عشق جي،
مستيءَ مان جهومي ٿو چوي، دل تار تار آ،
بيهو اي بادلو مِلو، منصور مرد سان،
سوري سجايو ڪانئرو، هيمو تيار آ.


