امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/12/2015

روز ٻي صورت بڻائي دردَ جي

غزل

رضا بخاري

روز ٻي صورت بڻائي دردَ جي
وقتُ ٿو معنيٰ مَٽائي دردَ جي

گهاوَ ڪنهن منَ جا وري آهن ٽِڙيا؟
مُندَ ٿي خوشبو ورهائي دردَ جي

دل کڻي بازار مان واپس وريس
ڪيرُ ٿو قيمت لڳائي دردَ جي

گيتُ ڪو هُن لئه خوشيءَ جو مان چوان
هُو چوي ٿو ڌُن وڄائي دردَ جي

رات جا سُنسان رستا ٿي رُلي
چاندني پوشاڪ پائي دردَ جي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/12/2015

رات کان ڪٽجي وئي آ چاندني

غزل

رضا بخاري

رات کان ڪٽجي وئي آ چاندني
ڪٿ ڀلا رهجي وئي آ چاندني؟

او مِٺي! تو جو اکيون پوري ڇڏيون
پيچرو ڀُلجي وئي آ چاندني

وڻَ ڪناري تان ڏٺو حسرت منجهان
ڍنڍ سان ٻکجي وئي آ چاندني

دل ته منهنجي آ جدائيءَ ۾ جَلي
خاڪ ڇو بڻجي وئي آ چاندني؟

لفظ ڪاغذ تي نچن ڪرڻن جيان
سوچ ۾ ڀرجي وئي آ چاندني


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

مون سان گڏ ڪو آيو هو، يا منهنجو ئي سايو هو!

رضا بخاري

غزل

مون سان گڏ ڪو آيو هو،
يا منهنجو ئي سايو هو!

نيڻ اڃا اُت ڳوليان ٿو،
مون جت خواب وڃايو هو.

هو منهنجو آئينو پر،
اُن ۾ عڪسُ پرايو هو.

گل تان اُڏري پوپٽڙو،
گهاوَ مٿان ڇو آيو هو؟

ڇرڪي من جي خاموشي،
مون ۾ ڪنهن ڳالهايو هو؟

خود کي مون ته ڀُلايو پر،
توکي ڪينَ ڀُلايو هو.

شام اچانڪ ٿي ويئي،
آنچل تو لهرايو هو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/08/2014

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا، ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

غزل

رضا بخاري

وقتَ! تنهنجي بيوفائيءَ ۾ جليا
ڇانوَ جهڙا خوابَ تائيءَ ۾ جليا

مُند پن ڇڻ تي رڳو الزام آ
وڻَ ته پنڇين جي جُدائيءَ ۾ جليا

نيڻَ اُوندهه کان ڀَڄي نِڪتا هيا
۽ پُڄي پو روشنائيءَ ۾ جليا

ياد آيا نيڻَ جيجل جا گهڻا
ديپَ جو وستي پرائيءَ ۾ جليا

ٿو پُڇي پرديسَ کان هڪُ پيرسن؛
”ڪيترا جوڀن ڪمائيءَ ۾ جليا؟“


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/04/2013

ڏينهن توڙي رات آهي قيد ۾

غزل

رضا بخاري

ڏينهن توڙي رات آهي قيد ۾
تو سوا جذبات آهي قيد ۾

ڇو نٿا هِت پيارَ کي پرڙا ملن
ٻن دلين جي بات آهي قيد ۾

شعر شاعر جا سدا آجا پکي
قيد ٿي ڪٿ ڏات آهي قيد ۾

قيد  پيڙا کي نٿو سمجهي سگهي
جنهن نه پاتي جهات آهي قيد ۾

هُو انا جي خول مان نِڪري نٿو
ڄڻ ته هُن جي ذات آهي قيد ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾



غزل

رضا بخاري

وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾
اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

وڃين ڪاڏي پيو پوپٽ؟
اڳيان پن ڇڻ آ رستي ۾

اکين ۾ ڪاغذي سپنا
مٿان سانوڻ آ رستي ۾

کـلي اڄ ڀي گــهلي ناهي
هوا کي وڻ آ رستي ۾

رضا لئه ٺوڪرون جڳ جون
پٿر ڪو ڄڻ آ رستي ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>