غزل
اسير ملاح
خواب اڌورا ڏسندو آهيان
جانب جي لئه جيئندو آهيان
نينهن لڳائڻ کان اڄ تائين
زهر جدائي پيئندو آهيان
سُڏڪي سُڏڪي تنهاين ۾
پاڻ مرادو رُئندو آهيان
ساروڻين جون شمعون ٻاري
پتنگ بڻجي پچندو آهيان
چنڊُ ته توکي ڏسندو هوندو
حالَ اُنهيءَ کان پڇندو آهيان