امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/06/2017

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا

غزل

عطا محمد حامي

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا
زبان خاموش رھندي چپ نه ھرگز چورڻا پوندا

محبت ۽ مصيبت جا ڪيئي مرحلا ايندا
ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڪيئي ڏورڻا پوندا

جڏهن تشريف فرما حسن جي سرڪارھت ٿيندي
قيامت خيز قدمن جي مٿان سر گھورڻا پوندا

سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا
سوين سڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لاء سورڻا پوندا

پچڻ پڄرڻ جلڻ کامڻ جا مزا وٺبا ڪيئي 
جدائي ۾ جگر دل جان ۽ تن من جھورڻا پوندا

مٺن ماڻھن اڳيان حامي مٺو ڳالھائڻو پوندو
زبان کولڻ کان اڳ۾ حرف سارا تورڻا پوندا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/10/2016

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !

غزل

عطا محمد حامي

سمجهان ٿو تنهنجو ذڪر، عبادت خدا گواهه !
جنهن سان اچي ٿي روح کي راحت، خدا گواهه !

ڪنهن وٽ وڃڻ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !
ڪافي ٿا سمجهون تنهنجي عنايت، خدا گواهه !

جنهن ڏي ڏسين ٿو تنهن کي ماري ڪرين مطيع
تنهنجي نظر ۾ آهي ڪرامت، خدا گواهه !

تنهنجي قدم قدم تي ٿو محشر مچي وڃي
تنهنجو ملڻ به آهي قيامت، خدا گواهه !

ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪُلفت نٿا رکون
مذهب اسان جو آهي محبت، خدا گواهه !

جنهن ۾ ضمير کي ڪا ضرورت ضرر وجهي
ان زندگيءَ جي ناهي ضرورت، خدا گواهه !

جنهن ساڻ ڪائنات کي قائم رکيو ويو
سا آهي تنهنجي عشق جي طاقت، خدا گواهه !

دشمن به ڪو اڱڻ تي لڙي ٿو اچي ته پوءِ
”حامي“ ڪيون ٿا ان جي به عزت خدا گواهه !






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/08/2014

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو، دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

غزل

عطا محمد حامي

گهڻا منهنجا مِٺڙا منٺار ماڻهو
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو

لَکن مان به مشڪل ڪو اهڙو مِلي ٿو
ڏسان ٿو ڏهاڙي اَڪيچار ماڻهو

اڄوڪي زماني ۾ آهي غنيمت
غَرض کان سوا جي مِلن چار ماڻهو

ڪڏهن ملڪ ساري جا مهندار ٿيندا
نظر ۾ اچن ٿا جي نادار ماڻهو

ڪَٽائيندو سِر پر جهڪائي نه سگهندو
ڪڏهن ڪنهن جي آڏو ڪو خود دار ماڻهو

محبت جا پنهنجا يا دنيا جا هوندا
غمن کان نه ٿيندو ڪڏهن ڌار ماڻهو

حياتيءَ جو مقصد محبت ۾ آهي
محبت بنا آهي مُردار ماڻهو

انهن جي ئي دم سان هلي ٿو زمانو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهو

ٻُڌائي مٺا ٻول ”حامي“ هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/01/2013

سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو


عطا محمد ”حامي“

سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هڪ فرض محبت جو، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

سر تَن تي هُئو بار، جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
الفت جو هُئو قرض، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

ويو سڀڪو ڇڏي، هُو نه جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
مشڪل ۾ مددگار، خدا ٿيو ته بجا ٿيو.

سورج ۾ جلال ان جو، جمال ان جو قمر ۾،
هر شي ۾ سڄڻ جلوه نما ٿيو ته بجا ٿيو.

قدمن کي ڇڏي، هاڻ هِنئين ساڻ هلون ٿا،
رستو ئي محبت جو، جدا ٿيو ته بجا ٿيو.

بيمارِ محبت کي، طبيبن نه بچايو،
هيءُ درد نه ممنونِ دوا ٿيو ته بجا ٿيو.

واڌائي هجي منهنجي وفائن کي وڌڻ جي،
محبوب جي مائل به جفا ٿيو ته بجا ٿيو.

چک وصل جي ماکيءَ جي عوض زهرِ جدائي،
دلبر جي هٿان ڪجهه به عطا ٿيو ته بجا ٿيو.

ميثاق ۾ جنهن پاڻ ’بليٰ‘ چئي هئي بلا کنئي،
دنيا ۾ اهو وقفِ بلا ٿيو ته بجا ٿيو.

افلاڪ کي عزت نه ملي جنهن جي کڻڻ جي،
حاميءَ‘ کي اهو بار عطا ٿيو ته بجا ٿيو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/01/2013

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا



عطا محمد ”حامي“

غزل

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا،

تنهنجي زلف جي قيدين ڪاڻ ڪٺا سامان هزارين پيا ٿيندا،
هر روز نون تعزيرن جا اعلان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان بي ايمان هزارين پيا ٿيندا.
تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا سامان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي گهور جا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻموٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا.
تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي بي جان هزارين پيا ٿيندا.

جي ٻول مٺا پيا ٻوليندا، سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا،
صياد جي پاپي پڃري ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا.

تنهن رات کي جن روشن نه چيو، تنهنجي زهر کي جن ماکي نه سڏيو،
تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي انسان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا باهه مبادا ڀڙڪي پئي،
تنهن باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا.

جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،
تنهن عاشق تي الزامن جا احسان هزارين پيا ٿيندا.

هر روز فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،
هيئن اهل وفا جي دردن جا درمان هزارين پيا ٿيندا.

هر لهر لتاڙي سير لنگهي، جنهن وقت ڪناري تي ايندي،
تنهن وقت اسان جي ڪشتيءَ کي طوفان هزارين پيا ٿيندا.

هن وقت نٿو جو قدر ڪري، هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،
”حاميءَ“ جي مرڻ کان پوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/12/2012

جفا جي جستجو نڪري وفا جي آرزو نڪري

غزل

استاد عطا محمد حامي

زبان مان جيڪڏهن نڪري ته اهڙي گفتگو نڪري
نه مان نڪري نه تون نڪري فقط نڪري ته هو نڪري

جڏهن ڳوڙهن جي صورت ۾ ڳڙي دل جو لهو نڪري
تڏهن ميدان الفت ۾ ٿو عاشق سرخرو نڪري

ڪٿي ٿي تنهنجي ۽ منهنجي ٻنهي جي دل منجهان مٺڙا
جفا جي جستجو نڪري وفا جي آرزو نڪري

لکين نڪرن ٿا موتي لعل گوهر گل ڪتيون تارا
مگر تن مان نه ٿو هڪڙو به تنهنجي هو بهو نڪري

چوان ٿو هيئن به چوندس هونئن به چوندس توکي پر پيارا
مجال آهي جو هڪڙو هرف تنهنجي روبرو نڪري

ٽٽن ساريون تمنائون، سموريون خواهشون نڪرن
مگر مولا ڪري دل مان نه تنهنجي آرزو نڪري

چمي تنهنجو پگهر پيارا جڏهن باد بهار آئي
تڏهن گلشن جي هر گُل ۾ ٿو ايڏو رنگ و بو نڪري

ڪيون ٿا آبياري پنهنجي دل جي خون سان هر دم
تڏهن گلشن ۾ هر هڪ گل ٿو بڻجي سرخرو نڪري

ڪڏهن ڪم ظرف کان قابو نه ٿيندو راز الفت جو
کلڻ سان هلڪڙين مکڙين منجهان هڪدم ٿي بو نڪري

اکين مان ئي عيان ٿيندي رهي ٿي مدعا دل جي
نٿو پنهنجي زبان مان ڪوبه حرف گفتگو نڪري

اسان بي دين کي بخشي سگهون ٿا هي جواز آهي
ڪٿي بخشون انهيء کي ديس جو جيڪو عدو نڪري

بدن مان روح نڪري ٿو سگهي حامي مگر سر مان
ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو جو خودداري جي خو نڪري
.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>