امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/10/2015

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي

غزل

احمد ٽالپر

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي،
تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪبي.

آس جيڪا بدلجي نراسا ٿئي،
سا اجائي اندر ۾ رکي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ تصوير تنهنجي نظرجي نه سا،
درسني دل ۽ اک آرسي ڇا ڪبي.

رُت بسنتي نه ڪا مُند ملهاري مٺا،
تو بنا چيٽ يا ڪا ڪَتي ڇا ڪبي.

تنهنجي درشن بنا دل جي درمان لئه،
ڪا دوا، ڪا سُتي يا ڦَڪي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ ميڙو نه توساڻ ممڪن هجي،
سا حياتي پرينءَ! پوءِ ڊگهي ڇا ڪبي.

ڪيڏي نعمت کڻي ڇو نه جنت هجي،
پنهنجي ”احمد“ بنا سا وٺي ڇا ڪبي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها

غزل

احمد ٽالپر

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها،
اک ڇنڀ ۾ ويا گُذرِي پَلَ ڪيڏا پيارا ها.

لوڙهي ويون آشائون، حالات سنديون ڇوليون،
روڪي نه سگهيا تن کي واريءَ جا ڪنارا ها.

غلطي هُئِي ڪجهه هُن جِي، مون کان به خطا ٿي وَئِي،
بَرسِي پيا ڪي بادل، اُڌما به اُڃارا ها.

جذبات وچان شايد، ڪي لفظ چيا ويا ها،
سوچيان ٿو اُهي ڪنهن کان، هُن ورتا اُڌارا ها.

سُنهَه، ساٿ نوان ناتا، جُڳَ جُگَ ۾ نڀائڻ جا،
ويا قول اُهي ڪاڏي، جي ساههَ سَهارا ها.

لشڪر جِي لَتڙ وانگر، ارمان لَتاڙيا ڪنهن،
ٿيو چنڊ ڏِسِي هيڊو، سُڏڪِي پيار ستارا ها.

ڪنهن واٽ وڃايل جانُ، ڀٽڪن ٿيون سڀئي سوچون،
ها شام سندا پاڇا، يا پيار پنارا ها.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>