امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/07/2017

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها، ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟



ايوب گل

تو ۾  ٿوري جاءِ ملي ها،
ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟

مون ته گُهريو هو سانجهي ٽاڻي
تنهنجي اُڀ جو تارو ٿيان هان

يا مان تنهنجي پيرن هيٺيان،
چانڊوڪي جو چارو ٿيان هان

مون ته گُهريو هو ٽاڪ منجهند جو
گهاٽي بڙ جي ڇانؤ ٿيان هان

ماڻهن کي مون منجھ ملين ها،
اهڙو تنهنجي نانءُ ٿيان هان

مون ته گُهريو هو رات لڙي جو،
تنهنجي ٻُڪ ۾ جُگنو ٿيان هان

توکي جيڪر ننڊ اچي ها،
نيڻ چُمان ها، سپنو ٿيان هان

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها
ڌرتيءَ تي افلاڪ هجان هان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2016

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر
يا ستاري جيئن اجهامي ڪونه پئي توکي خبر

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/05/2016

رات ڄاڻي، چنڊ ڄاڻي پاڻ وينداسين هليا

غزل

ايوب گُل

رات ڄاڻي، چنڊ ڄاڻي پاڻ وينداسين هليا
پرھ جو چانگو پلاڻي پاڻ وينداسين هليا

هراکر تنهنجو اکين تي ٿي رکيو آيت جيان
هاڻ وٺجان پيار ناڻي پاڻ وينداسين هليا

ڌار جو ليڪو ڇڪي تو پاڻ کان پرتي ڌڪيو
هاڻ ڇا دل خاڪ ڇاڻي؟ پاڻ وينداسين هليا

گلبدن پنهنجي بدن جي باک ۾ ٽڙندڙ سڀئي
ڇو ڇڏيا تو ڦول ڇاڻي پاڻ وينداسين هليا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/01/2016

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان

نظم

ايوب گُل

ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان
پراڻيءَ ياد جي پيڙا اکين جي پاند ۾ پائي
وري ڪنهن دار ڏي دل جي وکن کي پيا وڌايون ٿا
هلڻ جو حوصولو ناهي مگر رڪجڻ روا ناهي
چئي وئي خواب کان ٻاهر پري ڪنهن شهر ۾ ملنديس
پتو ان جو پڇايون ٿا ستارن جو جهلي دامن
چئون ٿا پار ڪهڙو آ؟ اهو ڪهڙو نگر آهي؟
جتي ان خواب جي تعبير ممڪن ٿئي؟
اهو ڪهڙو شهر آهي؟ ڀلا ڪهڙي ڏسا آهي؟
هلي ٿو موت پيڇي ۾، گهڙيون ڪجھ آخري پويان
ڊسمبر لڙڪ لاڙيندي ڇڏي ويو جنوري پويان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/11/2015

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي، ڪونه پئي توکي خبر،
يا ستاري جيئن اجهامي، ڪونه پئي توکي خبر.

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>