امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


31/03/2016

سي جنونِ محبت جون، حالتون ته آڻي ڏي!

غزل

مسرور پیرزادو

سي جنونِ محبت جون، حالتون ته آڻي ڏي!
وقت! موٽ پُٺتي سي، چاهتون ته آڻي ڏي!

اڄ به عشق جو توکي، مان جُنون ڏيکاريان،
پر ڪٿان پرين! ٿوريون، فرصتون ته آڻي ڏي!

شهر ڏي وٺي آئين، سڀ ڏنو اٿيئي پر،
ڳوٺ جي سياري جون، ساعتون ته آڻي ڏي!

پيار سان ڏسي پوڙهو، زال کي چوي ويٺو،
اڄ هٿن کي جوڀن جون، عادتون ته آڻي ڏي!

ڇو ڀلا اکيون تنهنجون، ساڳيون رهيون ناهن،
پيار سان ڀريل پياري! گُهور تون ته آڻي ڏي!

وقت! تو جواني ڏئي، آ ڦُري ڇڏيو بچپن،
هُو حسين بچپن جون، راحتون ته آڻي ڏي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/03/2016

زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ

غزل

مسرور پيرزادو

زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ
تَڙ تَڪڙ رڳي آهي، هڻ هڻان لڳي پئي آ

ديس جي سياست ڀي، بي خبر آ منزل کان
بس هُجوم آهي ۽ هَل هَلان لڳي پئي آ

جو وَڌي پيو تنهن جي، راهه ٿي وڃي روڪي
سڀ ڄُنڊا پَٽن ٿا پيا، پَٽ پٽان لڳي پئي آ

يارَ پيارَ جي پويان، اعتبار جي پويان
روزگار جي پويان، ڊُڪ ڊُڪان لڳي پئي آ

مسئلا ننڍا آهن پر اَنا وَڏي آهي
ٿورڙين ڳالهين تي وِڙهه وڙهان لڳي پئي آ

عاشقي ۾ هڪ شاعر، جو لکي ويو آ هي
عالمن جي ان تي اڄ، جهڳ جهڳان لڳي پئي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/10/2014

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.

وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي

مسرور پيرزادو

ڇڏي اڄ شور شهرن جو، 
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي. 

فجر جو ماڪ جِت اُٿندي،
پَنن جي بستري تان آ،
اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
سُريلي ڳالھه چوندو آ. 

امان جي چانھه جي چُسڪي،
طعامن کان گھڻي مٺڙي.
جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن: 
"مسين آن يار تون آيو!" 

ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
جتي جون ميرڙيون واٽون،
ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
جتي درياھ جون دانھون. 

ڪُراڙين عورتن کان مان، 
پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.

مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ، 
ڏسان سورج وڃي اڄ مان، 
ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.

جتي جهولا اونهاري ۾،
جتي پارا سياري ۾،
مگر مَن پو به خوش آهي
"وليم شيڪسپيئر" وانگي،
جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
هيو چوندو: "اچو هيڏي! 
اچو هيڏي! اچو هيڏي!
هتي بس سخت موسم کان، 
سوا ويري نه ڪو آهي!" 

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔


کجيون هي ڳوٺ منهنجي جون
کِلي ٿيون مون کي کيڪارين 
ٻنيون هي ڳوٺ منهنجي جون
اکيون منهنجيون پيو ٺارن
لهي سورج پيو جڏهين
وري ڌڻ مال جو تڏهين 
ڪوئي ميهار درديلي
وڄائي بنسري تڏهين،


لهن جت ڍنڍ تي تي ڪيڏا،
پکي پرديس جا پيارا،
سدائين ڪاش پيا ڏسجن،
هي منظر موهڻا سارا،


سياري سرد راتين ۾
ڪچهري مچ تي مچندي،
پلي-مانيءَ کان پوءِ جت،
ڪڙڪ آ چانهه ڪا ٿيندي،

جتي گرمين جي موسم ۾ 
پِپر جو وڻّ آ پيارو،
اڱڻ تي راند جو کٽ تي،
هُو چڏهينءَ چنڊ موچارو.
ملي جِت هم ڪلاسين سان،
ڪيان ٿو ياد مان ماضي،

اهو ٻالڪپڻو منهنجو، 
جڏهن هرڪو هيو راضي،
وڃي جِت ٻير مان ميڙيان
ڦَريون، ڦوٽا جتي کاوان،
مٽي ڳوهي وڃي جيڪر،
وري رانديڪڙا ٺاهيان.

ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/04/2014

بي قراري قرار آ مون کي




غزل

 مسرور پيرزادو

بي قراري قرار آ مون کي،
ھيءَ خزان ڀي بھار آ مون کي۔

اڄ به تو لئه مري سگھان ٿو مان،
اڄ به توساڻ پيار آ مون کي۔

ڪُوڙ ڀي سچُ ٿو لڳي، توتي،
ايترو اعتبار آ مون کي۔

ھيءُ سنسار ڀل کڻو سارو،
کوڙ ھي منھنجو يار آ مون کي۔

ھڪ ڄڻو آھ ڪائنات سڄي،
ھک ڄڻو لک ھزار آ مون کي۔

سنگ مون سان جھانُ آ رقصان،
عاشقيءَ جو خمار آ مون کي۔

پاڻ سان مان ملڻ پيو چاھيان،
پانھنجو انتظار آ مون کي۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/07/2013


ڳالهڙيون هن جون

(مسرور پيرزادو)

دوستي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
دل لڳي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
چَپَ جنهن جا پنکڙيون ناهن گلن جون
وارَ جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
جسم جنهن جو سنگ مرمر جئن تراشيل ڪين آهي.

هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.
حُسن گوري جو رنگ نه آهي،
حُسن نازڪ انگ جو نالو آهي،
حُسن سهڻن ئي مهانڊن جو به نالو ڪين آهي،
حُسن ڀـُوري باهه جهڙي ڪنهن بدن جي
يار! شعلن جو به نالو ڪين آهي.

حُسن هڪڙو آهه جادو جو اکيون ٿو ڏي نيون،
جن اکين جي چار سـُو عشق جون محلاتيون.
حُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.
ڳالهڙيون هـُن جون نديءَ جئن نيارڙيون،
ڳالهڙيون هن جون هوا جئن هلڪڙيون،
ڳالهڙيون هن جون ته اهڙيون،
ڳوٺ جي ڪنهن ڳئون جي ڄڻ کير جهڙيون، پاڪ صاف،
جر جي پاڻي وانگر ڄڻ شفاف-
ڳالهڙيون هن جون مٺيون ماکيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون کٽيون انبڙيءَ جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون اچانڪ ٿي ويل ڄڻ ڪو جهڙالو،
ڳالهڙيون هن جون انڌيري ۾ اجالو،
ڳالهڙيون هن جون ڀلي ڪنهن ڀرت جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون رليون ڪي ٽڪ واريون،
ڳالهڙيون هن جون سياري ۾ سوڙ جهڙيون سٺيون ،
ڳالهڙيون هن جون چميون ڄڻ چاهه واريون،
ڳالهڙيون هن جون گلن جون ڄڻ ته ٽاريون،
ڳالهڙيون هن جون ڏکڻ جي هير جهڙيون،
ڳالهڙيون هن جون سنڌو جي ڄڻ سير جهڙيون –
حـُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
حـُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/04/2013

جدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون


غزل

مسرور پيرزادو


جدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون،
فراق جو درد موت جهڙو، سهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

چيو هيو مون ته لڙڪ منهنجا! ڀلي پيو وهه، اڃا گهڻو وهه!
ڪڏهن ته اهڙو به وقت ايندو، وهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

جنون ۾ پاڻ کي او جاني! صفا گهڻو ڀي نه ڊاهجان تون،
گهڻو ڊهي وئين اگر ته پو تون ٺهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

غرور ۽ تون گهمنڊ جي چوٽ تي صفا جيڪڏهن چڙهي وئين،
ته پوءِ سجدي جي لاءِ سائين! لهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/03/2013

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو



غزل

مسرور پيرزادو



هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو
ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو

ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واس هيس، ڇا انگ هُيس
هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو

مون عشق – نشي ۾ ڪين ڏٺو، ۽ يار سندي هان پار پُڳو
درياهه به تارئون تار هيو ۽ تار به ڪو اهڙو تهڙو

مضبوط عمارت جيئن هئي، هيءَ پنهنجي محبت ووءِ مٺي
بس شڪ جو ان ۾ ڏار پيو ۽ ڏار به ڪو اهڙو تهڙو

مان دشمن جو ڪو وار سَهي، ها ڪين پَيس ڪڏهين به ڊَهي
پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو

مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي
پر دنيا ڪوئي ڄار هيو ۽ ڄار به ڪو اهڙو تهڙو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ادا! حالت وڏي سنگين آهي



غزل

مسرور پيرزادو



ادا! حالت وڏي سنگين آهي،
خوشيءَ ۾ دل سندم غمگين آهي.

پَتو پوندءِ، ڪري ڏِس پيار ڪنهن سان،
ته جيون ڪيترو رنگين آهي!

اکين جو هي ڪڪر ڏاڍو وُٺو آ،
اسان جي خواب جي تدفين آهي.

حياتي هونءَ ته آهي بي سَوادي،
ها، لُڙڪن-ذائقو نمڪين آهي.

اَٿس جي ڪين ماڻهن سان محبت،
پو ديني آدمي لادين آهي.

ڏٺو دنيا ۾ ناهي جنهن خدا کي،
وڏو سو آدمي نابين آهي!

 

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نينهن تو ساڻ لائڻو آهي، درد پنهنجو وڌائڻو آهي!



غزل

مسرور پيرزادو



نينهن تو ساڻ لائڻو آهي،
درد پنهنجو وڌائڻو آهي!

حالتن سان ڪري ڪو سمجهوتو،
درد پنهنجو ڀُلائڻو آهي.

اڄ نمائش ڪري ڪا زخمن جي،
ڌيان تنهنجو ڇڪائڻو آهي.

زندگيءَ ۾ مزو رهيو ناهي،
وقت سان بس نڀائڻو آهي.

جوڪرن جيئن لڪائي لُڙڪَ مِٺا!
هِت سڀن کي کلائڻو آهي.

عشق هي راز آهه راڻا! جو،
ڪين ڪنهن کي ٻڌائڻو آهي.

روح ۾ راڳ جو رچيل آهي،
بس اهو ئي ته ڳائڻو آهي.

هاڻ مون کي به شعر- ڪُوزي ۾،
سوچ- دريا سمائڻو آهي.

زندگيءَ جو پرين! وڳو لاهي،
موت جو مون کي پائڻو آهي.

سِيءُ آهي سندءِ جُدائيءَ جو،
شاعريءَ مَچُ مچائڻو آهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سانوڻ جا هت سانورا! پيا وسن مينهن


سانوڻ جا هت سانورا!
پيا وسن مينهن،
آءُ ٻه ٽي تون ڏينهن،
موڪل وٺي ڳوٺ ڏي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

خدائي رقص ۾ آھي، سُھائي رقص ۾ آھي



نظم

مسرور پيرزادو

نچي ٿو چنڊ چوڏهينءَ جو،
ستارا ڇير پائن ٿا،
وڄائي واءُ ٿو وينا،
۽ گُلڙا گُنگُنائن ٿا،
لطيفي لات تي ھن جي،
بدن جي شاعري ٻُڌندي،
خدائي رقص ۾ آھي،
سُھائي رقص ۾ آھي۔

ملڻ جون موسمون ناھن،
جدائي آ خزان جھڙي،
سڀئي ميلاپ جا سپنا،
ڇڻن ٿا ھاء! پن پن ٿي،
مگر دل پو به پاگل آ،
ڏسي ٿي خواب ئي ويٺي،
بھارن جا سرءُ ۾ ڀي،
جدائي رقص ۾ آھي،
سُھائي رقص ۾ آھي۔

مرن ٿا روز پيا ماڻھو،
ھلن ٿيون روز ھت گوليون،
نشاني تي پکي آھن،
جي ٻولن پيار جون ٻوليون،
رڳو ھت روج راڙو آ،
ويون ٽھڪن سنديون ٽوليون،
بچائي حـُسن ئي سگھندو،
رڳو بس ھاڻ دنيا کي،
بچائي ھيءَ ڪلا سگھندي،
رڳو بس ھن زماني کي،
اھائي ڳالھ ھن مون کي،
ٻُڌائي رقص ۾ آھي،
سُھائي رقص ۾ آھي۔


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>