غزل
نويد ناز ڀٽي
واٽ تي مايوس منهنجي زندگي بيٺي رهي،
چو طرف اوندهه ۾ ڄڻ هئي روشني بيٺي رهي
مان وڃڻ جي ڳالهه جئن هئي اوچتو هُن سان ڪئي،
ٿورڙو پرتي ٿي مونکان هوءَ رُسي بيٺي رهي.
الوداع جا لفظ سڀ وسري ويا ها هُن کان ڄڻ،
ڪجھ چيائين ڪين ٿي خاموش ئي بيٺي رهي.
جيئن قدم وڌندا ويا ٿي روڊ جي هُن پار تئن،
ڪنڌ ورائي مون ڏٺو هوءَ بُت بڻي بيٺي رهي.
ناز ڪهڙي منهن سان مان الوداع هُن کي چوان،
در جي پردي ۾ لڪائي منهن چري بيٺي رهي.