امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


14/10/2016

اوهان جي ياد پنڇي آ

غزل

شيخ نديم

اوهان جي ياد پنڇي آ
کُليل آزاد پنڇي آ

شڪارين امن جو يارو
ڪيو برباد پنڇي آ

اڏامي چوٽ کائي ٿو
اندرُ فولاد پنڇي آ

لٿو آ ماڳ گلڙن جي
گلن سان شاد پنڇي آ

پره جي شاخ تان اڏريو
اوهان کان بعد پنڇي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>