عنايت
بلوچ
غزل
مختصر
ئي ملاقات، وسري نٿي،
دل
جي حالت اُنهيءَ بعد سُڌري نٿي.
سور
صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،
حوصلو
ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي.
گُلپري
آهه ناراض ڪنهن ڳالهه تي،
ڪين
مِنٿون مڃي، هاءِ پرچي نٿي.
”نيٽ“
تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرينءَ،
تنهنجي
هٿڙن سوا سِينڌ سَنوري نٿي.
تون
اچڻ جو ئي ڪين آئين پرين،
نيڻ
واٽون تَڪِن، رات نِبري نٿي.
مهرباني!
اچي وئين ته ڪجهه ترس ڀي،
توکي
ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.
پيار
جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،
هجر
جي پرگهڙي يار گذري نٿي.
حسن
کي زيورن جي ضرورت نه آ،
سُونهن
رنگين پوشاڪ پهري نٿي.
جيئن
ٻانهون ”عنايت“ وڪوڙي ويون،
جلد
ٿيا فيصلا، دل ته سوچي نٿي.



