امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/01/2013

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي


عنايت بلوچ

غزل

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي،
دل جي حالت اُنهيءَ بعد سُڌري نٿي.

سور صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،
حوصلو ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي.

گُلپري آهه ناراض ڪنهن ڳالهه تي،
ڪين مِنٿون مڃي، هاءِ پرچي نٿي.

”نيٽ“ تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرينءَ،
تنهنجي هٿڙن سوا سِينڌ سَنوري نٿي.

تون اچڻ جو ئي ڪين آئين پرين،
نيڻ واٽون تَڪِن، رات نِبري نٿي.

مهرباني! اچي وئين ته ڪجهه ترس ڀي،
توکي ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.

پيار جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،
هجر جي پرگهڙي يار گذري نٿي.

حسن کي زيورن جي ضرورت نه آ،
سُونهن رنگين پوشاڪ پهري نٿي.

جيئن ٻانهون ”عنايت“ وڪوڙي ويون،
جلد ٿيا فيصلا، دل ته سوچي نٿي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/12/2012

نظر ملندي ئي شرمائي نه وڃجان


غزل  : عنايت بلوچ


نظر ملندي ئي شرمائي نه وڃجان،
اچين سامهون ته گهٻرائي نه وڃجان.

نه ڏوراپا، رُساما يا ميارون،
رڳو اچجانءِ، پرچائي نه وڃجان.

نوان ناسور ٿيندا، زخم چڪندا،
پراڻو پيار ورجائي نه وڃجان.

ڀلي پيو سورَ صدما سوکڙيون ڏي،
انهي بازيءَ ۾ هارائي نه وڃجان.

جفائن کي ڀلي جاري رکيو اچ،
انا پنهنجيءَ کي مارائي نه وڃجان.

گرم ساهن ۽ سُڏڪن ساڻ سانڀيل،
لڙهيءَ ۾ لڙڪ پارائي نه وڃجان.

”عنايت“ انتظارن ۾ ئي رهندو،
قيامت تائين ترسائي نه وڃجان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

درد ڄاڻي ديس جا، سو سنڌ جو ساڻي اچي

غزل : عنايت بلوچ

هر بُرائي ٿي اسان وٽ سرس ساماڻي اچي،
هن بُري هن ڀنڀور ۾ هاڻي ڪو آرياڻي اچي.

هر طرف هُٻڪار سان واسيل وطن هو، اڄ مگر،
ٻهڪندڙ مکڙي به گلشن مان ٿي ڪوماڻي اچي!

مست موجن سان ڀريل هو، سو ويو سنڌو سُڪي،
مَنَ اُنهيءَ برپٽ مُٺي مهراڻ ۾ پاڻي اچي!

دوغلن، سياسي مدارين کي قطارن مان ڪڍو،
درد ڄاڻي ديس جا، سو سنڌ جو ساڻي اچي.

دشمنن جا داو هرگز ڪين ٿيندا ڪامياب،
سنڌ سوڀاري صدين کان، واهه واکاڻي اچي.

جوش ۽ جذبا نئين سِر باهه تي ٺپرائجن،
آڳڙيا آيا عنايت، هاڻ سانداڻي اچي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان سان ڪي گهڙيون گڏجي گذاريندين ته خوش هوندين



غزل : عنايت بلوچ
 
اسان سان ڪي گهڙيون گڏجي گذاريندين ته خوش هوندين،
خُماريل مست نيڻن سان نهاريندين ته خوش هوندين.

خبر ناهي ته مون تي ڀي نوازش جي نظر ٿيندي،
سڏي سڪ مان پرين ڀَر ۾ ويهاريندين ته خوش هوندين.

ٿيو جنجل جدا جالڻ، هجر جا ڏس اچي هاڃا،
نباهي وصل جو وعدو، جياريندين ته خوش هوندين.

مڃان ٿو منهنجي آ ميراث تنهنجي بي رخي ڀي، پر،
پرين جي پيار مان هيڪر پڪاريندين ته خوش هوندين.

سِڪي ٿو ساهه، من ماندو، اٿم اميد آمد جي،
”عنايت“ جو اڱڻ سهڻا، اُجاريندين ته خوش هوندين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گُلڙن جهڙي نازڪ نِـينگر، مون سان بيحد پيار ڪري ٿي

غزل : عنايت بلوچ

دل ۾ هڪ تصوير رهي ٿي
چنڊ جيان جرڪي چمڪي ٿي

گُلڙن جهڙي نازڪ نِـينگر
مون سان بيحد پيار ڪري ٿي
 
روز سندس پيو راهه نهاريان
هوءَ به واٽون واجهائي ٿي

روحن جو ڪو رشتو آهي
جنهن بن ساعت ڀي نه سري ٿي

ويجهي هوندي دور رهان ٿو
دوريءَ ۾ هوءَ گڏ رهي ٿي 

عين عنايت ٿورا هن جا
ترسي ترسي ياد ڪري ٿي 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

حقيقت دل جي دلبر کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي



غزل : عنايت بلوچ

حقيقت دل جي دلبر کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي،
سراسر سُونهن سامهون سربسر چئجي ته ڪيئن چئجي.

فقط هڪڙي نظر سان دل سندي دولت وئي لُٽجي،
انهيءَ تير نظر کي بي خطر چئجي ته ڪيئن چئجي.

هليو ويو هُو ته ڇاهي؟ درد دِل ۾ هُن جو آ باقي،
سراسر بيوفا هُن کي اگر چئجي ته ڪيئن چئجي.

چيم دِل ۾ ته ڪي ڳالهيون سڄڻ کي روبرو چوندس،
عتاب حسن جي آڏو مگر چئجي ته ڪيئن چئجي.

مسيحا آخري هڏڪيءَ تي آخر ويو اچي منهنجو،
رقيبو! آههَ منهنجي بي اثر چئجي ته ڪيئن چئجي.

ڏسي دلبر جي در تي ٿي چيو ڪنهن مامَ ۾ مُرڪي،
”عنايت“ کي اجايو دربدر چئجي ته ڪيئن چئجي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/12/2012

ڪاش ڏسان ها سهڻي صورت، سرمو ڳل تي هاريو هوندئي



عنايت بلوچ
غزل

مون ريءَ ڪيئن گذاريو هوندئي
آب اکين مان هاريو هوندئي

سانجھيءَ سان ئي کڙڪي کولي
منهنجي لاءِ نهاريو هوندئي

ياد جڏهن ڪا آئي هوندئي
ڳهلي، پاڻ کي ڳاريو هوندئي

جنهن ريءَ ساعت ڪين سريئي ٿي
تنهن ريءَ گھنگھر گھاريو هوندئي

منهنجي دل ٿي ساري توکي
مونکي ڀي ته سنڀاريو هوندئي

ڪافي ٽيبل تي پئي هوندي
ياد ۾ تنهن کي ٺاريو هوندئي

هنجڙون هاري، پاڻ کي ڳاري
ڪمري کي به رئاريو هوندئي

سڏڪا روڪي پنهنجيءَ دل کي
دلبن ساڻ ڌتاريو هوندئي

هاڻي هاڻي سنبري هوندينءَ
پنهنجو پاڻ سينگاريو هوندئي

سهڻا سهڻا ڪپڙا پائي
آئيني ۾ نهاريو هوندئي

ڪاش ڏسان ها سهڻي صورت
سرمو ڳل تي هاريو هوندئي

جي اک ڦرڪئي پڪ تون ڀانئج
منهنجي ساهه سنڀاريو هوندئي

تنهنجو روح رڙي جي جاني
منهنجي پيار پڪاريو هوندئي

“ تنهنجي آهيان، تنهنجي رهنديس”
وعدو ڪين وساريو هوندئي

___________________________________

ڪتاب: “ تنڌ ڪٽارو ڪنڌ ” صفحو نمبر 31، 10 جنوري 1975
(لنڊن کان ڪراچي ايندي هوائي جهاز ۾ لکيل)








مڪمل تحرير ۽ تبصره>>