امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/07/2015

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ

غزل

اياز گل

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ

تون، مان ئي اَياڻا هئون
دنيا ته سياڻي آ

هر پيارَ کي ٻوڙي ٿو
رسمون، اُهو پاڻي آ

ڏِيئي کي سلامت رکُ
جي لاٽَ اُجهاڻي آ

اِحساس بنان ماڻهو
اَخبار پُراڻي آ

سڀ ڌُوڙ ڪري ويندي
جا ڌُوڙِ اُڏاڻي آ

هُو، مان ۽ رُڳو ڳوڙها
ناولَ جي پُڄاڻي آ

”مون لاءِ مري وئين تون“
هُنَ تارَ اُماڻي آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا

غزل

اياز گُل

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا!
دردَن جو درمانُ، ضروري آ پيارا!

دِل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ
دُشمنَ تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!

هوريان هوريان هُن کان دُور هليو وڃبو
سُورن جو سامانُ، ضروري آ پيارا!

بيشڪ سارا روپَ رکو ڀل ماڻهوءَ جا
اَندرَ ۾ انسانُ، ضروري آ پيارا!

ڪڏهن لِڪائي رکجي پيارُ زماني کان
ڪڏهن اهو اعلانُ، ضروري آ پيارا!

ڄاڻان ٿو مشڪل آ، گڏجڻ ۽ پرچڻ
رکجي پر اِمڪانُ، ضروري آ پيارا!

دردَ، دِلاسا، اُلڪا، آسون، سانڍڻ لئه
دِل جهڙو گُلدانُ، ضروري آ پيارا!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/02/2015

ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار ڦاسي وئين


غزل

اياز گل

ڄار هو، ڄاڻ ۾ يار ڦاسي وئين
هائو تون پاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

تون ته تلوار هئين ڪا تکي او پرين
وقت جي مياڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ننڊ، سپنا، نھارون ئي وسري ويئي
ڪهڙي ڇڪتاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

هي حياتي ته ٿوري هئي پيار لئه
ڇو رتو ڇاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

تو ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو سوچيو نه بس
آڻ ئي آڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ڪيترو پئي لڳين منفرد، مختلف
تون به واکاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر جو رخ ڪيئه
ڪيڏي مانڌاڻ ۾ يار ڦاسي وئين

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/06/2014

انڪار جي سوليءَ تي چڙهيل آهيون دوست



غزل

اياز گل

انڪار جي سوليءَ تي چڙهيل آهيون دوست!
دردَ سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوست!

ڪجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اسان،
چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوست!

ڪا نئين ريت نه وجهجو هاڻي
ڏاڍا ريتن مان اڙيل آهيون دوست

شهرَ تنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي!؟
شهر پنهنجي مان تڙيل آهيون دوست!

ڌارَ ٿي توکان سُڃاڻپَ ئي نه رهندي ڪائي،
توسان اهڙا ته جَڙيلَ آهيون دوست!

ڪيئن نه جان ڇڏائڻُ ٿي گهُرين،
ڄڻ ڪي الزام مڙهيل آهيون دوست!

ايترو جلدُ ته اي درِدَ! نه ڊاهِه،
ذَرو ذَرو ٿي گهڙيل آهيون دوستَ!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/07/2013

توکان ٿيندي ڌار

وائي

اياز گُل

توکان ٿيندي ڌارَ
کِلندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

تُنهنجي پويان ڪيرُ اسانجي
سپرين!، لَهندو سارَ؟
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

ساهَه ۾ تُنهنجِن ساهنِ جي
اَڃا ڀي آ، مهڪارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

راتِ کُٽي ۽ باکَ ڦُٽي وئي
جنهن پل ويڙهيئي وارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

پاڻيءَ تي ڄڻ لِيڪا ها
تُنهنجا قولَ قرارَ
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

وري ملڻَ جي مهلَ وري
شالَ هينئين جا هارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

توکان ٿيندي ڌارَ
کِلندي کِلندي يارَ!
لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2013

تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿَڪ لهي ويا

وائي

اياز گل

تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

ساڀيائن جي ديس ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
وسريل واعدن 
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

وقت ڪيا ويرانا ماڻهو، تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو



غزل

اياز گُل

وقت ڪيا ويرانا ماڻهو
تنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو

توکي ارپڻ آيا آهن
لڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو

مان جو اڄڪلهه هيکل آهيان
جوڙن ٿا افسانا ماڻهو

منهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي
تنهنجا سڀ زمانا ماڻهو

وڇڙي ويندا جي وڇڙڻ جا
ڳولن روز بهانا ماڻهو

ڪهڙا جڳ سان ليکا ڪرڻا
يار اسان مستانا ماڻهو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

چَپڙن جي سهڪار سان تهنجا، رات اسان پرچايا نيڻ

غزل

اياز گُل

ياد جڏهن ڪي آيا نيڻ
لڙڪن سان وهنجايا نيڻ

چَپڙن جي سهڪار سان تهنجا
رات اسان پرچايا نيڻ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/03/2013

تون پنهنجو پاڻ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين



غزل

اياز گُل

سڄو ڏِهاڙو ئي پيارا !، بَڻي بَڻي ٿَڪبين
تون پنهنجو پاڻ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين

ڪو هڪڙو ٻيرُ به ڇَڻندو نه، پيارَ جو هِن مان
عجيب ٻيرِ آ، پٿرَ هَڻي هَڻي ٿَڪبين

نه هُن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبارُ ڪڏهن
قسمَ، قرآنَ ۽ ساکُون کَڻي کَڻي ٿَڪبين

صبُر سان گهاوَ، سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو ؟
گهڙِي گهڙِي آهي نيزي ــ اَڻِي، اَڻِي ٿَڪبين

صَدين جي پياسِ کڻي، ٿَرَ جيان رهيو آهين
هي زندگي ته اَڃا ڀي ڪَڻِي ڪِڻِي ٿَڪبين ؟

وري وري توکي ڦُٽِڻو آ، گُل آهين
نٿو مان سمجهان ته سُهڻا !، ڇَڻِي ڇَڻِي ٿَڪبين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي, ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي

غزل

اياز گُل

يادگيريون سنڀال، ڪم ايندءِ!
ڪنهن وِڇوڙي جي سال، ڪم ايندءِ!

راهَه اوندهِه، اڳيان حياتيءَ جي
پيارُ ڏِيئي مثال، ڪم ايندءِ!

هُن کان پُڇجانءِ: ”گڏ هلي سگهندينءَ!“
هڪڙو ننڍڙو سوال، ڪم ايندءِ!

تو وِساري ڇڏيو، چڱو ئي ڪيئه
ڪهڙو برباد حال، ڪم ايندءِ؟!

ماڻِ لمحا مِلڻ جا، پر دل ۾
ڪي جُدايون به پال، ڪم ايندءِ!

مان نه هوندُس جڏهن، تڏهن ڏِسجانءِ
جڳَ! مُنهنجو مثال، ڪم ايندءِ!

کيس چنبڙي پئين ته ڇا ملندءِ!
ڇڏِ ماضي ته حال، ڪم ايندءِ!




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڀ ٽهڪ سڀئي گيت زماني جي پلو ۾




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/02/2013

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي



ترائيل

اياز گُل

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن،
ڀلا ڪير ٿو چئي، پڪاريو اسان کي،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي.

ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،
اميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>