امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


04/12/2015

اسان لئه سنڌ وطن آهي، اسان کي روح تي پاتل ،اسان لئه ڄڻ بدن آهي


(سنڌ ورهائڻ واري ڏانهن هڪ پيغام)

سردار شاهه
اسان لئه سنڌ وطن آهي
اسان کي روح تي پاتل
اسان لئه ڄڻ بدن آهي
اِها ئي آ زمين منهنجي
اِهو منهنجو گگن آهي
اِها ئي بهشت منهنجي آ
اِهو باغِ عدن آهي
اِهو آهي اندر منهنجو
اِهو دل_ديس منهنجو آ
بنا جنهنجي اگهاڙو مان
وطن ئي ويس منهنجو آ
چوين ٿو جسم منهنجي تان
اِهو تون ويس لاهيندين
ڪري لِيڙون لڱن جون، تون
بدن منهنجو ورهائيندين
ڪندين ٽڪرا محبت جا
نوان نقشا بڻائيندين
اِهي ناٽڪ رچائيندي
لِڪي جي وار ڪرڻو ٿئي
اسانکي روح پنهنجي کان
اگر جي ڌار ڪرڻو ٿئي
اچي ڪو خون جو درياه
اول سو پار ڪرڻو ٿئي
اِهي ٻهروپ ڄاڻون ٿا
اِها رڳ رڳ سڃاڻون ٿا
نه ڪوئي دِين تنهنجو آ
“دِلي” جا ٺڳ ! ڄاڻون ٿا
سدا تون نانَ جو نوڪر
مٽيءَ جو مانَ ڇا ڄاڻين
اندر جا دُوار کولي تون
ڪرڻ مهمان ڇا ڄاڻين
ڏين جي جيءُ ۾ جايون
اِهي احسان ڇا ڄاڻين
نه ڪو آهي وطن تنهنجو
نه ڪا آهي مِٽي تنهنجي
صفا تاريڪ غارن جان
اِها دل جي گهٽي تنهنجي
لِڪي تون ويهه لنڊن ۾
نڀائي نانگ سان رشتا
وڏن تنهنجي صدين کان جي
ڪيا پي نانگ سان رشتا
مهاجر سوچ تنهنجي آ
سدائين جا رُلي آهي
اِها هجرت نصيبن ۾
ازل کان ئي لِکي آهي
سدا تو لڄ لالچ تي
وِڪي آهي ، وِڪي آهي
غلاميءَ کي ڳچيءَ ۾ تو
سدائين هار جيئن پاتو
ڪڏهن تو “مير” “غالب” کي
ڪٿي هو پيار جيئن پاتو ؟
سچل جو سُنگ ڇا آهي ؟
لطيفي لات ڇا ڄاڻين
سندن پُرنور آسڻ ۾
رهي ڪا رات ڇا ڄاڻين
سِڪن تي او سمهڻ وارا!
ڏکن جي ڏات ڇا ڄاڻين
گنگا_ جمنا جي پاڻيءَ سان
نڀايو ڪو نه تو ناتو
سنڌو جي جل تي جيئندي
سنڌوءَ سان وير تو لاتو
سنڌو جو پيءُ آ منهنجو
سنڌوءَ جا ماءُ وانگر آ
گلن جهڙا ٻچا جنمي
سنڌوءَ جا واءُ وانگر آ
اسان ڪا ٿڃ ٿوهر جي
نه پيتي آ ، نه پيئندا سين
سدا ممتا جي جهوليءَ ۾
جُڳن جا جُڳ جيئندا سين
اُتر ، ٿر ، لاڙ ۽ ڪاڇو
اجهو پيا ڄڻ ڳچيءَ تنهنجي
ڍنڍون ، ڍورا ، سنڌو ساگر
وطن جا وڻ ڳچيءَ تنهنجي
جڏهن هي وِڄ جيئن وانگِي
تکي ڪا ڊوڙ ٿي ايندا
هزارين ۽ لکين هن اڄ
ڪڏهن تان ڪوڙ ٿي ايندا
ڪلاچيءَ ڪُن پيو ڪنبندو
جڏهن گجگوڙ ٿي ايندا
اهي نقشا به تنهنجي لئي
ڳچيءَ جو نوڙ ٿي ايندا
وطن جي راه ريٽي سان
کِلي کيڙي سمهڻ وارا
لهوءَ جي لال لولين ۾
اِهي جهيڙي سمهڻ وارا
مٽيءَ کي ڏئي مٿان پنهنجي
وطن ويڙهي سمهڻ وارا
وطن ۾ ساه جن جو آ
وطن جن جو بدن آهي
وطن جو جن پڙهيو ڪلمو
وطن تن لئه ڪفن آهي
اسان لئه سنڌ وطن آهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مرڻ جو روز سوچين پيو مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟



نظم 

سردار شاهه

مرڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟

حياتيءَ ۾ ڪجهه هلڪو ٿي
هوائن تي هلي ڏس تون
وِڄُن جي واڳ وٺ هٿ ۾
گهٽائن تي گهُمي ڏس تون
زمين کوٽين ۽ پورين پيو
سدا سوچي اڳيون جڳ تون
وصل جا کيت چارين پيو
وڇوڙن جا وٺي وڳ تون
مڃون ٿا هڪ جنم آ هيءُ
جنم ۾ سئو جنم جي وٺ
ڪڏهن تون پاڻ پوڄا ٿي
ڪڏهن سهڻو صنم جي وٺ
ملڻ جي مهل ماڻي وٺ
ڇڏي ڏي تون جدائيءَ کي
ڪڏهن تو ڪونه سمجهيو آ
خيالن جي خدائيءَ کي
ڪٿي آ دشت امڪان جو ؟
وڏي آ ديد جي دنيا
رُلي سوئي ويو آ ،جنهن
ڇڏي آ ديد جي دنيا
اگر ماڻهو مٽي آهي
مٽي مرڻي ڪڏهن ناهي
گذر تنهنجو جتان ٿيندو
گهٽي مرڻي ڪڏهن ناهي
ڇڻندا گل برابر پيا
گلن جو واس ڪيئن مرندو؟
ازل ۽ ابد جي وچ ۾
سدا پيو واءُ ۾ ترندو
اڃا تائين ٽڙيو ناهين
ڇڻڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ جو روز سوچين پيو
مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>