غزل
اميد خيرپوري
ڪير آھي، جنھن کي ويھي سارجي؟
ڪنھن جي خاطر زندگاني ڳارجي؟
ڪيترو مايوس بڻجي گھارجي؟
ڪيستائين جان کي آزارجي؟
ڏينھن جو ھرگز نـ ڏيئو ٻارجي
نانگ کي جيئرو نـ ڇڏجي، مارجي
پيٽ سان پٿر ٻڌي، مھراڻ مان
پاڻ کي جي تارڻو آ، تارجي
پر ھڻي، ٿو ڏند ڏيکاري ڇڏي
دل نـ ٿي چاھي تـ چمڙو ڌارجي
اڄ جي يارن سان رکي ياري ”اميد! “
ڄڻ تـ ڊنگھرن تي اٽو ٿو ھارجي