امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/04/2013

رات ساري آ مگر، بيقراري آ مگر



غزل

شاهجهان سميل

رات ساري آ مگر
بيقراري آ مگر

هُن کٽي ناهي پرين
پاڻ هاري آ مگر

ڪين هو ماڻا ڪري
سونهن واري آ مگر

نيڻ تنهنجي راهه ۾
انتظاري آ مگر

ها کلڻ جون حسرتون
اشڪباري آ مگر

زندگي توکان سوا
ها گذاري آ مگر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/02/2013

وري آ جنوري جانا



شاهجهان سُميل

هميشه سرد موسم ۾
جلي ٿي باهه جذبن جي
پوي ٿي دل ٻري جانا
وري آ جنوري جانا

اسان جي سوچ جا ڀاڪر
پرين توکي ئي ٿا چاهن
ٿئي ٿي دل چري جانا
وري آ جنوري جانا

هجر جو حال ڪهڙو بس
سوا تنهنجي نه هڪ پل لئه
اسان جي آسري جانا
وري آ جنوري جانا

ڊسمبر ۾ رهيا جيڪي
اڌورا خواب شاعر جا
گهُرن ٿا دلبري جانا
وري آ جنوري جانا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

برهه جي هُو باهه سان اٽڪي پئي, عشق جي آڙاهه سان اٽڪي پئي



غزل

شاهجهان سُميل

برهه جي هُو باهه سان اٽڪي پئي
عشق جي آڙاهه سان اٽڪي پئي

ٿي ويا سارا وچن ڪوڙا مگر
دل اڃا ويساهه سان اٽڪي پئي

وهڪري جي شور مان محسوس ٿيو
ڄڻ ته سهڻي واهه سان اٽڪي پئي

جن به رستن تان گذر تنهنجو هيو
هر نظر اُن راهه سان اٽڪي پئي

ڳوٺ جون ڪومل کڻي ڪي خواهشون
شهر جي هُو چاهه سان اٽڪي پئي

هُن سنواريا زلف جڏهن هئا، ڦڻي
آئيني جي آهه سان اٽڪي پئي

زندگي جا ساهه کان آهي مٺي
زندگي سا ساهه سان اٽڪي پئي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>