امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/10/2016

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو

غزل

حسن درس

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمون ڪنهن سار وانگي هو، 
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻاروانگي هو.

ڳچي ۾ مون هيو پاتو ۽ سيني ساڻ هيو لاتو، 
منهنجو محبوب ڪله مونکي، هٿن ۾ هار وانگي هو.

هجُومن ۽ هُشامن هيڪلائي کي جڏهن جنميو، 
ڏٺو مون روح پنهنجي کي، انڌاري غار وانگي هو.

وڻن تي ڪانگ ها ويٺل ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون، 
پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي، 
کلي چوندين کجيءَ کي تون، تکو تلوار وانگي هو.

هوائن تي هليس آئون نظر ڪجه ڪون ٿي آيو، 
سڄڻ رستو سڄو تنهنجو، سنهي ڪنهن تار وانگي هو.

صفا سنسان مندر ۾ جڏهن سانجهي ملي مونسان، 
اُتي آواز سنهڙو عشق جو، ڪنهن آر وانگي هو.

مڇي جي اک مان ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي، 
لُڙاٽيل وقت ۾ لمحو لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/01/2016

هڪ ڏيک يادگيري، هڪ شام جو تصور

غزل

حسن درس

هڪ ڏيک يادگيري، هڪ شام جو تصور
کڙندڙ گلاب آهي، هڪ نام جو تصور

کلندي خمار جيڪي کيڪار ڪن خيالي
جڙندو انهن اکين مان آ جام جو تصور

نيري نهار، تائين آهي لکيو پيو ڄڻ
پڃري سندو پکيءَ لئه اڏام جو تصور

مرڪي ملڻ جو ماڻو کلندي رسڻ جو خٽڪو
آغاز جو انديشو، انجام جو تصور

هي شهر، گھر مٽيءِ جا ۽ دونهن جهڙو ديس
منظر اداس، عورت ۽ گام جو تصور

شهرت ڪين گھرجي، ڇو پئي ڊڪي پٺيان
مشهور ڪيڏو ٿيو آ گمنام جو تصور

هڪ خاص ڳالهه آهي، توکي ٻڌائڻي
هي عشق نيٺ ٿيندو عام جو تصور

مون کي خدا هو خلقيو، يا مان خدا کي خلقيان
بندي اڳيان آ بيٺو بس رام جو تصور

هر ٻج ٻار وانگي ڌرتي ڄڻي پئي
هر وڻ وڏو لڳي ٿو ڪنهن لام جو تصور

هئه هئه حسن هي ڪيڏيون ڪرامتون
دک درد به لڳي ٿو آرام جو تصور ​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/11/2015

اسانجو عشق هي آخر، غلامي کي ٿڏي وجهندو



اسانجو عشق!

حسن درس

اسانجو عشق هي آخر،
غلامي کي ٿڏي وجهندو،
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟
اسان جي محبتن جو ،
مک مهانڊو ڪيئن هجڻ گهرجي،
اسان کي هن هوا تي،
پير ڏيئي ڪيئن هلڻ گهرجي،
اسان جو سور ڇا آهي،
انهي کي ڪيئن سلڻ گهرجي،
اسين پنهنجي وڇوڙن جي به،
ڪريون وارثي ويهي،
اسين پنهنجي ملڻ جي،
مالڪي به خود ڪريون بيهي،
اها مرضي اسان جي آ،
اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاهيون،
رسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاهيون،
اسين پنهنجي محبت جي،
سدا نرمل نشانين کي،
ڀلي مهنگو ڪري ڀانيون،
ڀلي سستو ڪري سمجهون،
اسين پنهنجي حياتين جا،
ڪريون ته فيصلا ڪهڙا،
اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاهيون،
اسين پنهنجي اداسين جون،
ڳليون ڪيئن ٿا گهمڻ چاهيون؟!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2015

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو



غزل

حسن درس

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

پُراڻو عشق پوڙهي جيئن،وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/04/2015

سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون

غزل

حسن درس

سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون،
پرين لا۽ پوريون پٽيون سين اکيون،

رڳو لُڙڪ هاري رُناسين لِڪي،
کٽڻ لا۽ ڪهڙيون کٽيون سين اکيون،

نپُوڙي نپُوڙي نگاهون نچُوڙي،
سُڪا لڙڪ پوڀي وٽيون سين اکيون

پرين پوک تنهنجي لا۽ پاڻي ٿياسين،
کُٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون،

"حسن" هي اسان جو تو گذرڻ ڏٺو،
گهٽي مان گهيلجي مٽيون سين اکيون.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/05/2013

مون کي اُلڪو ٿيو

حسن درس

ڪهڙي ڏسِ اُڏاڻو پنڇي
مون ۾ ڀڙڪو ٿيو
تنهنجا پير پنن تي پيئڙا
مون ۾ کڙڪو ٿيو
ڏور نديءَ ۾ چنڊ ٻُڏاڻو
مون ۾ ڇُلڪو ٿيو
تو کان تنهنجي پياري وڇڙي
مون کي اُلڪو ٿيو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>