امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/10/2015

سانوري اي ڇوڪري! واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ

پُنر جنم

علي آڪاش

سانوري اي ڇوڪري!
واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ
تو ڪلا سان اڄ سڄي محفل لُٽي
مون ڏِٺو توکي سڃاتو
تون دراوڙ ديس جِي دلبر نشاني
ڪي هزارين سال ٿيندا، جو اِها
پاند ۾ اتهاس جي
سوگهي ٻَڌي ويئي هئي
نسل ۾ تون آرين کان اڳ جِي 
تون ته ويدن ۽ پُراڻن کان پُراڻي
اڄ به راڻي آهه تنهنجو
ڳوٺ موهن جو دڙو
سي وڏا تنهنجا هئا
ڏاند گاڏيءَ جا ڌڻي
ٿِي وسُنهه جا واهرُو ويهي رهيا
ڀونءِ هيءَ جن سان بڻي
ويس پهريون جن اُڻيو هو ائٽ تي
جن مڇين جي ريس تي ٻيڙي هئي
ڪاٺ مان ڪوري ڪڍي
سِڙهه ڪيو جڏهين سِڌو
ان مٿان پنڇي اڇو ويٺو اچي
ڪڻڪ جو جن فصل پهريون
پوکيو ۽ ڳاهيو
اَن جون جهوليون ڀري
جن عقيدت مان ڏنيون درياهه کي
پيار جو پورهيو ڪري
جن رکيو هو جيئرو
تهذيب جي ويساهه کي
چنڊ واريءَ رات ۾
جي گَهران نڪري وڏي ولهار ۾
دائري ۾ ويهندا ها
۽ سڄي سنسار جي تخليق وارو
”ٿِي پوڻ“ جو ڳُجُھ کوليندا ۽ ويڙهيندا هئا
زندگيءَ جي راز کي
پاڻي، مٽي، اگني، هوا_
عنصرن جي اک سان ڏسندا هئا 
رات جي پوئين پهر
سوچي جڏهن ٿڪبا هئا
هٿَ تَرين ۽ سِر مٿي
ڏيئڙا ٻاريل رکي
سرخ سنهڙي ۽ ڍِلي ملبوس ۾
اي نرتڪي ايندي هئينءَ
ڇير جي ڇم ڇم کڻي
جسم جو سرگم کڻي
ويڙهجي ويندي هئي
رقص جي رومال ۾ ڪل ڪائنات
ڏيئڙي جي لاٽ جهڙا
جيءَ سارا بي ثبات
مڌ گهاٽيءَ جا وٽا پيئندا هئا
هوش هاري مست ٿِي جيئندا هئا
ناچ تنهنجو اوج کي رسندو هيو
گُهنگهرو ٽٽندا هئا
ڏيئڙا جھٽڪا ڏئي اُجھندا هئا
ان گھڙيءَ سڀني دلين مان
لار دونهين جي اُٿِي
هير جي آغوش ۾ سُمهندي هئي
تنهن گهڙي نينگر افق جِي
سجَ جو جھومر سجائي نرڙ تي
لولاڪ جي کيڪار لئه
منتظر هوندي هئي
جيئن منهنجو منُ تولئه منتظر
آنءُ ڄاڻان
جُوڻ ٻي هيءَ آهه تنهنجي
تون اُهائي نرتڪي
جي نه توکي اعتبار
تو اڳيان هيءُ ريشمي 
رومال ٿو کولي رکان
ڏَس ته هي گهنگهرو ٽُٽل ڪنهن ڏور جا
هُو ته ڏِس هُن تاڪ تي
ڪو اجھاڻيل ڏيئڙو
پاڻ ۾ وِجُھ ليئڙو
ڪجھ ته توکي ياد ايندو
ڀاڳ چئبو
پاڻ جنمن کان جُڳن کان پو هِتي
هِن شهر ۾ آهيون مليا
ان کان اڳي جو اڳ جيان وڇڙي وڃون
سهسين صديون ٻيهار اوجهڙ ۾ ٻُڏون
اچ دراوڙ ديس جي ناتي وري
پرچي پئون
آءُ اڳتي پيچرا اتهاس جا
گڏجي گُهمون
هڪ ٿي وڃون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسين پرديس جا پنڇي، رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾

نظم

علي آڪاش

اسين پرديس جا پنڇي
رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾
جتي ديرا به اوڌارا
ته آکيرا به اوڌارا
سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا
کڻي بي خواب اکڙين ۾
وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏانهن
جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ
جتي پنهنجو پرائو آ
اسان جي چهنب ٿي چاهي
ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ
سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا
سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا
پتڻ تي جئن سُري سانجهي
ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا
کڻي ڪنڪر ڪنارن جا
لتاڙيل واءَ تان وهندي
پڄون ٿا روز آکيري
جتي اونداههَ آڳانجهي
کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا
ته پنهنجي ديس جا اُڌما
اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي
اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان
ڦٽن ٿا گرم چشمن جان:
ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي
کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون
سموري باغ سان اوري
اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان
ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا
تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾
ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ
رسڻ پرچڻ
کِلڻ کيڏڻ
ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽
لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان
اِهي رولاڪيون
بي باڪيون
آڻيون ڪٿان؟
ماڻيون ڪٿان؟
هِتي هِن ديس تنهنجي ۾
جتي هر ساههُ قرضي آ
سندي ڪائي نه مرضي آ
جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا
پوتر پل وسامن ٿا
ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو
ولوڙي ٿو
لڳي ٿو ايئَن وينداسين
ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي
اسين پرديس جا پنڇي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>