غزل
امراقبال
اسان جي عمر ئي ڳاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
ھٿن سان پاڻ ئي ماري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
ڏسو ٿا پرڀرو بيھي، اکيون مرڪن اوھان جون ٿيون
ھوا ۾ ديپ جيان ٻاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
سموريون تلخيون سائين!،اسان جي ئي طرف سوري
اڌيڪي جام جيان ھاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
ڏسو! ڪي گھاو گلڙن جيان، ٽڙيا ھن دل جي ڌرتيءَ تي
گھنگھر ۾ جيءُ پيو گهاري، پڇو ٿا: ڪيئن پئي گذري؟
