غزل
ياسرقاضي
ڪڏهن ته برهه جو بيتاب باب اورِيندو
وصال رُت جو ڏٺل خواب خواب اورِيندو
ڪڏهن سُڪُوت به ٽُٽندو ستم جي صاحب جو
ڪڏهن ته پيار جي ٻولي جناب اورِيندو
وفا جِي مُندَ ۾ بي باڪ ٿي ڪڏهن مِلندو
ڪڏهن نگاهه سان مُنهنجي حجاب اورِيندو
سڄِي زمين جو ايندو جڏهن طواف ڪري
سڄي جهان جو غم آفتاب اورِيندو
هجر ـ اُماس کان ماههِ تمام جو ميلو
سفر جِي پِيڙَ سڄي ماهتاب اورِيندو
مُون سال سال گرهه ساڻ لُڙڪ لُڙڪ ٻَڌو
ڪڏهن ته وصل، وڇوڙو حساب اورِيندو
ورق ورق تي مُهانڊو نظر سندءِ ايندُوَ!
اوهان کي پاڻ اوهان سان ڪتاب اورِيندو
دلين جي ديد سان جي هم ـ زمين ڏي گهُوري
ته هر ڪو جِيءُ ازل جو عتاب اورِيندو
جا جِيءَ جِيءَ ۾ آهي عذاب جِي هلچل
ته نيٺ لوڪ سڄو انقلاب اورِيندو
نگاهه يار جي جيڪر ڇُهي وئي ”ياسر“
ته ساهه ساهه اسان جو گُلاب اورِيندو