امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/10/2016

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل

غزل

مختيار ملڪ

ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل،
راز رهندو نه آ نينهن لائڻ مهل.

ڄڻ وڇوڙي ۾ ڪائي خوشي آ لڪل،
مُرڪَ چهرن مٿان، موڪلائڻ مهل.

ذهن تان ياد تنهنجي نه مِٽجي سگهي،
پنهنجي ماضيءَ جو سڀ ڪجه ڀُلائڻ مهل.

هڪ رڳو تنهنجي اڻ هوند ڀاسي اٿم،
پنهنجي ڪمري کي پورو سجائڻ مهل.

ٻي ملاقات جي دل ۾ اُڻ تڻ وري،
مُرڪندي مُرڪندي موڪلائڻ مهل،

پاڻي کي پڻ وساري مون آهي ڇڏيو،
زندگي ! توکي مشڪل سان پائڻ مهل.

هونئن ته مختيارُ جڳ ۾ هيو اجنبي،
ٿي ويو آشنا توکي پائڻ مهل.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/06/2013

وائي : مختيار ملڪ


وائي

مختيار ملڪ

تازو گل ٽڙيلُ ، وکري ويو آهي
ڪنهن جي سَرهي سار ۾ ؛


تنهنجَي نيڻَ ـ ڪَجلُ
وکري ويو آهي
صَديِنِ جَي اِتھاس ۾


پيار جو هِڪڙو پَلُ 
وکري ويو آهي
آس نِراس جي شهر ۾


__________________


وائي

مختيار ملڪ

پنهنجو مُستقبِلُ 
وکري ويو آهي


سپنو تنهنجي ساٿ جو
نيڻن منجهه سَجيلُ

وکري ويو آهي

مومل کان راڻو رٺو
ڪوئي ڪاڪ محلُ 
وکري ويو آهي


تنهنجَي سُرَ ۽ ساز سان 
منهنجو گِيتُ لِکيل
وکري ويو آهي


پرزا پرزا ٿيو آئينو 
ڪوئي عڪس ٽٽل 
وکري ويو آهي


پيار جي پهرين بارش ۾
امبر تي بادل 
وکري ويو آهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڀ ستـــارا ۽ چنڊُ منهنجو آ، کـــيــرَ ـ ڌارا ۽ چـنڊُ منهنجو آ


غزل

مختيار ملڪ

سڀ ستـــارا ۽ چنڊُ منهنجو آ
کـــيــرَ ـ ڌارا ۽ چـنڊُ منهنجو آ

مان مسافر ڪوئي خلائن جو
خـوابَ سـارا ۽ چنــڊُ منهنجو آ

آئـــون ڄـاڻــان ٿـو پنـڌ ۽ منزل
چُـــپِ چــــارا ۽ چنڊ منهنجو آ

مـنـهـنـجـي دنيــا ۽ آءٌ دنيا جو
سـمنڊَ ســارا ۽ چنڊُ منهنجو آ

مـون وڃايو سڄي زماني کي
ڪـجھ سَـهارا ۽ چنڊُ منهنجو آ

رات چوڏهين صَفر جي ڀٽشاه ۾
نـيـهَـنَ نــعـرا ۽ چنـڊُ منهنجو آ

پيـار جي واٽ مون وتي آهي
سـونهـن وارا ۽ چنـڊُ منهنجو آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اســان کي وڻن ٿيـون، ڇڙيون چاهتون


غزل

مختيار ملڪ

اســان کي وڻن ٿيـون، ڇڙيون چاهتون
مِـٺيـون چاهـتـون ۽ ڪــڙيون چاهتون

گلن سان ملڻ جي خواهش کي سانڍي
ڪَنـڊن منجهه اٽڪيــون، اڙيون چاهتون

زمـانن سـان اٽڪيــل ۽ الجهيل رهيــون
زمـــانـــن کــان رُنـيـــون رڙيون چاهتون

تـڌهـن ڪـوڙ ڪــيني ڪَهي ٿـو اچـي
دليــن مــان جـڏهـن ٿــا تــَڙيون چاهتون

لهـرن ۾ لُڙهيـون ۽ سولين تي چڙهيـون
چِــتـائـن ۾ ڪــيئــي ســڙيـون چاهتون

اچــي ٿـو وڃــي چَـين بيچين دل کي
ملي جي پون ڪجهه گهڙيون چاهتون

وِڇــوڙن سـان وٿيـون نه وڌنديــون پرين
نـه آهـن ڪــڏهـن بـي وڙيون چاهتون

هـيـون رُڃ راهـون، اُڃـاريـون نگاهــون
ڪي آهــون ۽ دانهـون، رڙيون چاهتون

ڏئي رَيجُ پنـهنجـون حـياتيـون هميشہ
صديــن جَـي سفـر ۾ لـڙيـون چاهتون

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

خـوشـي هـر ڪـا جيون جي پوري ٿئي


غزل

مختيار ملڪ

خـوشـي هـر ڪـا جيون جي پوري ٿئي
گــــذر ائــيــن حــيــاتــي ســمـوري ٿئي

لڪائڻ سان لڪجي نه سگهندي ڪڏهن
ٿــــي آزاد ــ فــطـــــــرت کــــٿـــوري ٿئي

ڪٿي ڪوڙُ ڪنهن کي به چوندَي ٻُڌو
اوهــان لـئه ڪُــڇـڻ ٿــو ضــروري ٿئي

اجــازتَ آ هـر ڪـنهـن کـي اظـهار جي
اهــو حـق ٿـو سـڀَ لـئه جـمهـوري ٿئي

نه ٿـيندي نه ٿـيندي ڪـڏهن ڪـامياب
جــڏهـن ڪـا به ڪــوشـش اڌوري ٿئي

صــديــن جــا تـه ڄــڻ ٿــا لـڳـن فـاصـلا
اســان ۾ جــي وقــتي ٿـي ڏوري ٿئي

سـڄـي ســلـطـنـت ڏيــک دربار جــــو
رڳـــو چـؤ طــرف جـي ـ حُـضوري ٿئي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

زندگيءَ ۾ خوش گذارجي، درد دل اندر نه ڌارجي



غزل

مختيار ملڪ

زندگيءَ ۾ خوش گذارجي،
درد دل اندر نه ڌارجي،

ڪيتريون به اذيتون ملن،
هانءُ پر ڪڏهن نه هارجي،

پاڻ ۾ وري ملي پئون،
رنجشن کي ڪجھ وسارجي،

جنهن بنا جيئڻ هيو ڏکيو،
تنهن سِوا ڪيئن ٿو گھارجي،

دل چيو ته زهر پي ڇڏيان،
چاهتن تان جيءُ وارجي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا



غزل

مختيار ملڪ

همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃا
زندگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا

رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛
تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا

کـيت مهـڪـن پـيا، سنگَ جهومـن پيا،
ڪنهن ته سپني ۾ گُم سُم آ ناري اڃا

تـون سـُتو آن پـيو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا

مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي؛
منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا

سـمنـڊ جي وِير ميٽي ڇـڏيون لکَـتون؛
سـي سنڀاري ٿي ساحل جي واري اڃا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>