امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/08/2018

عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي



عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي
ڪنهن نہ چاهيندي بہ آخر عيد ڪئي

صبح جو ڏيئي صدا گهر گهر پني،
گودڙيء ۾ آ گداگر عيد ڪئي

آسري امداد جي راهون تڪي،
ٿوهرن جي ٿاڪ ۾ ٿر عيد ڪئي

آجپو ڍل کان مهاڻن کي مليو،
ڪوڏ مان ڪيڏي تہ ڪينجهر عيد ڪئي

سر ڏئي سجدا ڪري ڌرتي چمي،
ڪات هيٺان آهہ ڪونڌر عيد ڪئي

خون سان اڇا جهنڊا ڳاڙها ڪري،
آ شڪاگو ۾ بہ ناصر عيد ڪئي

حق وٺڻ جي واٽ پورهيت کي ڏسي،
مرڪندي مزدور ليڊر عيد ڪئي

ماڻهپي جي منهن مٿي دانگي ملي،
آ اڊمبر ساڻ آمر عيد ڪئي

ڪنهن ڪئي ٰ گل ٰ مرڪندي ڪنهن سڏڪندي،
هر ڪنهن آ حال آهر عيد ڪئي

 (مقصود گل )



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

چاهيان هر پل ديس ۾ نئون نپجي نينهن 
ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

رخسانا پريت
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2017

مهڪن تنهنجا واسطا مرڪي تنهنجي ديد

وسيم سومرو

مهڪن تنهنجا واسطا، مرڪي تنهنجي ديد
لمحو لمحو عيد، گذري تنهنجي زندگي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين

نظم

اسحاق راهي

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

موافق باغ سان بادِ صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،
گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،
بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،
نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،
دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،
نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،
وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود
لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،
پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

31/07/2014

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون

محبوب دوست پياري شاعر سائين علي بخش منصور سميت سڀني پرديسن جي نانءِ 

جميل سومرو

پرانهين پار مان نظرون پکين وانگر اُڏيون هونديون ،
دليون پرديس وارن جون ٻچن لئه رت رُنيون هونديون .

اباڻا ڪَک جڏهن ويٺي اچانڪ ياد پِيا هوندا ،
پَرائِي سر زمين تي ساهه کي هڏڪيون لڳيون هونديون .

چوڻ سوکو ڪَٽڻ اوکو آهي پرديس او پيارا !
انهن کان پُڇ پرينَ کان جن پري راتيون ڪَٽيون هونديون .

ڀريل نيڻن جي نيسر سان مُنجهائي ساهه کي سڪ ۾ ،
ويچارن حسرتون پنهنجون هٿن سان خود وڍيون هونديون .

ڏهاڙا عيد جا ٽيئي ٽنگيل هوندا ٽياسن تي ،
وڇوڙن بيوسن جون ڪيئن چَڪي ٻوٽيون پَٽيون هونديون .

۽ مائٽن جا دُکِي هينئڙا دکيا هوندا رُنا هوندا ،
نديءَ وانگر ڀريل دلڙيون اڃا ويتر ڇُليون هونديون .

— with Irshad Ali
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/07/2014

سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي

پنجڪڙو

جميل سومرو

سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي .
ڏينهن سڄو ئي تنهائين ۾ گذري وِيو .
روح سمورن پاتارن کي اُڪري وِيو .
لُڙڪن جون اڄ لارون آيون ، عيد نه آئي .
سڏڪا آيا سارون آيون ، عيد نه آئي .




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دروازي ۾ ديد آ سائين، تو بن ڪهڙي عيد آ سائين

سجاد مهر

دروازي ۾ ديد آ سائين، 
تو بن ڪهڙي عيد آ سائين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آلي آلي ديد اسان جي، عيد به ڪهڙي عيد اسان جي

مٺل سولنگي

آلي آلي ديد اسان جي، 
عيد به ڪهڙي عيد اسان جي 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>