امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/04/2016

هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو،

استاد بخاريءَ جي ڪافي

هڪ ته سمجهيو نه مون ٻيو ٻڌايو نه تو،
دل پڪي وئين ڪري، دير سان پيو پتو.

تنهنجي پاسي منجهان مان نه اٿندس مٺا،
ھي پهاڪو ڪڏھن ڪو نه مڃندس مٺا،
راند ڇڏجي رتي ميلو ڇڏجي متو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

وار پنهنجا وکيري ڪڪر ڇانوَ ڪر،
چار بوسا وسائي ٿڌا ساھَ ڪر،
پياس ڏاڍي لڳي ڏينهن ڏاڍو تتو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.

ڪو جي ٻيڙو ڪُنن ۾ اچي ٿو ڏسو،
تيز اوٿر ۾ ٻُوڙو لُڇي ٿو ڏسو،
اھڙو مونکي بُخاري وڇوڙي وتو،
دل پڪي وئين ڪري دير سان پيو پتو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2015

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا, ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !

استاد بخاري

هڪ موت مَئي جو ڀَئو سُهڻا !!!
ٻيو تون مان نٿو ٿِئي ڍئو سُهڻا !!!

ڊوڙي ڊوڙي تنهنجي واڳ وٺان،
توکي چنبڙي تنهنجو چاهُ چُمان،
جي بهڪيون ڳالهيون بخش ڪجانءِ
مون مُحبت جو آهي مئو سُهڻا !!!

هڪ عمر ۾ آخر ڇا جيئندس؟
ڪم ڪار ڪندس، يا پيار ڪندس
ڇا کلندس توسان ، ڇا ملندس؟
مون کي عمريون هُجن ها سئو سُهڻا !!!

تنهنجي سِڪ ۾ سڪان ڪوٺين سِڪڻو،
تنهنجي سامهون روئان سمجهين روئڻو،
تولاءِ رُلان چوين ٿو رُلڻو،
جيڪو چوڻو اَٿئي سو چئو سُهڻا!!!

استاد جا ازخود نيڻ ڀِڳا،
ڇو ٿو هر هر ڏين اِهي ويڻ تِکا،
جيڪي ماڻهون آهن ميڻ مٺا،
سي ڪٿ ٿا سَهن ايڏو تئو سُهڻا!!!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2015

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان

اُستاد بُخاري

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان
افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان

هُو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو
بيهان وڃان ، ڪريان ڇا، بيٺو ٻُڏان تران مان

هِي قوم پئي ٿي ڦٿڪي، هِي دل به پئِي ٿي تڙپي
هن قوم تي رُئان يا هن حال تي رُئان مان

مظلوم ٿو پُڪاري محبوب پيو نهاري
ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ، ڪيڏي ڊُڪي وڃان مان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/09/2013

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،


استاد بخاري

اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين،
گلابي گل هي گلدستو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اسان وٽ عشق اڻ ڪٺ آ، اوهان وٽ سونهن سڀ ڪجھ آ،
هي سڪ ۽ سونهن جو سودو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،
سوال آهي ته سنگت جو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

محبت زندگي آهي، محبت بندگي آهي،
اهو ”استاد“ جو گفتو قبوليندي ته خوش ته هوندين-
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/04/2013

سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي



غزل

 استاد بخاري

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي

عشق جي آڳ ڪچهريءَ کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آھ ڪچو ڪو ڪونهي

سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي

ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي

عشق جو آند نه ڪو پاند ٻُڌون ٿا ”استاد“
سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/03/2013

شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو

غزل

استاد بخاري

شوق تنهنجو شئي ئي ٻي بنجي ويو
دل لڳي مان ، زندگي بنجي ويو

چنڊ تارا ، گل سهي سودا نه ڏين
حسن تنهنجو هڪ هٽي بنجي ويو

چؤطرف چمڪار تنهنجي سونهن جا
چاھه منهنجو چؤدڳي بنجي ويو

سونهن سان جيڪو جڙيو سو جنتي
جو ٿڙيو سو دوزخي بنجي ويو

قرب ۾ ڪؤڙو ، ڪسارو هي سمو
شاھه جي وائي مٺي بنجي ويو

منهنجو سينو آ سدوري سنڌڙي
تنهنجو سِرُ سنڌو ندي بنجي ويو

عاشقن آڏو وڏو هيڏو پهاڙ
ڌوڙ جي آ خر دڙي بنجي ويو

جنهن کي تون”استاد“ووڙيندو وتين
سو ته تنهنجي شاعري بنجي ويو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/03/2013

سونهن جي گود ۾

غزل

استاد بخاري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/02/2013

18/02/2013

دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ، ڪن ٿا دل آزاري


استاد بخاري

دوست ڪياسين دلداريءَ لاءِ ، ڪن ٿا دل آزاري،
ڪنڌ جهڪيو هو جن قدمن تي، چوٽ لڳي ڪاپاري.

ڪوئل ڏي ويس بلبل ڏي ويس، پرواني ڏي ويس،
جنهن جنهن وٽ ويس، تنهن تنهن وٽ آ زاري.

تنهنجو منهنجو ناتو رشتو، شايد موت ڇني،
هيءَ ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري.

اوکي بازي اُلفت واري، پياري ۽ نياري،
هيءَ جن جيتي تَن به نه جيتي، هارين ناهي هاري.

پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد،
عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين، يار وڏو واپاري.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي




استاد بخاري

جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،

وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،                               
پهرين پهرين ڦڙهي پڙهندين،                               
بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون،                               
اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون،                               
چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي،                               
تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي،                               
مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين!                               
دريا خان ۽ دودو ٿيندين!                               
گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

وستي وستي واهڻ واهڻ،                               
پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ،                               
ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي،                               
 استاد آهي پياري ٻولي،                               
ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي




استاد بخاري

پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي،
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي.

مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي،
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي.

بعضي بندوق شڪاريءَ جي ڇُٽي ٿي پٺتي،
جو ڦَٽي ٿو ڪڏهن پاڻ به ڦَٽجي ٿو وڃي.

حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ،
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي.

چنڊ هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ،
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>