امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/10/2014

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين

غزل

منصور سيتائي

گهٽا گُنگنايو ته تون ياد آئين ،
گُلن مُسڪرايو ته تون ياد آئين .

اڪيلو ڪري سڀ ائين سور ڏيندا ،
زماني ستايو ته تون ياد آئين .

وريا سڀ واهيرن ڏي پنڇي به پنهنجي ،
موٽي مالُ آيو ته تون ياد آئين .

تنهنجي نانءَ نالي سان مون کي او سانول ،
رقيبن رنجايو ته تون ياد آئين .

ڪنوارن چپن ۽ ڳلن پاڻ ۾ پئي ،
نئون نينهن لايو ته تون ياد آئين .

تنهنجو گيت منصور دردن ڀريو ڪنهن ،
اَسُر ويل ڳايو ته تون ياد آئين .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پرينءَ جو پُور ۽ سوچون، نگاهون چور ۽ سوچون

غزل

منصور سيتائي


پرينءَ جو پُور ۽ سوچون،
نگاهون چور ۽ سوچون.

ڪري ڪوئل پئي ڪو ڪو،
انبن جو ٻُور ۽ سوچون.

وڇوڙي جون ڊگهيون راتيون،
دليون رنجُور ۽ سوچون.

غلاميءَ ۾ ٿيو گدلو،
وطن جو سُور ۽ سوچون.

ويٺي ويٺي اڇا ٿي ويا،
جواني جهُور ۽ سوچون.

هي چانڊوڪي، اڪيلائي،
تنهنجو منصُور ۽ سوچون.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/10/2014

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ

غزل

منصور سيتائي

پن پن جو پڙلاءُ چوي ٿو آءُ ،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ چوي ٿو آءُ .

منهنجي ديس جي آزادي تون ڪاٿي آن ؟
هيءُ غلاميءَ گهاءُ چوي ٿو آءُ .

دل جا دُوار کليل هِن تولئه جاني ،
اکڙين آدرڀاءُ چوي ٿو آءُ .

سياري راتيون تڙپائن ٿيون توبن ،
يار اُتر جو واءُ چوي ٿو آءُ .

راڻا ريت رُسڻ جي ڇڏ پرچي پَئـُ ،
سومل جو سوداءُ چوي ٿو آءُ .

اڄ ڪلهه تون منصور ڪِٿي ٿو برسين ،
جوڀن رُت جو تاءُ چوي ٿو آءُ.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>