غزل
مئڪش سومرو
ڪيترو دردناڪ پل آهي
آدمي پاڻَ کان ڊنل آهي
پوپٽن جا پساھ پورا هِن
۽ گلابن جي دل ٽٽل آهي
هر ڳليءَ ۾ نچي نراسائي
هر ڳليءَ ۾ اُٺو اجل آهي
جنگ آهي مفاد جي جڳ ۾
مذهبن جو ڪٿي دخل آهي
اچ ته تصوير امن جي جوڙيون
امن تنهنجو اگر ڏٺل آهي
ماڻهپي جو ڪوي اٿئي مئڪش
ماڻهپو ئي سندس غزل آهي