امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/10/2017

الائـــي ڪــيــر آ مـــون ۾، الائــي ڪــيــر آهــيــان مـــان؟

غزل

علي زاهد

الائـــي ڪــيــر آ مـــون ۾، الائــي ڪــيــر آهــيــان مـــان؟
مٽـيءَ تي ايئـن پـيـو آھـيان، مـٽـيءَ جـو ڍيـر آھيـان مان!

بــقــا جـي بــات نــاهــي ڪــا، فــنــا جـو فـلـسفـو آھـيـان،
ٽـڪـي پـيـو وقـت آ مـون ۾، جـڳـن جـو ڦـيـر آھـيـان مان،

اکين جي ساهميءَ تنهنجيءَ عجب هي تور ڪئي منهنجي!
رتي مـنـهـنـجو وزن نڪـتو! مون سمجهيو سير آھيان مان!

اوهــان جــي مــاڳ جـا مــنــظــر مـٺــي ڌنــڌلائـبـا هونـدا،
اگـهو بـس آرسـي پـنـهـنـجـي، گـهـڙيءَ جو مـير آھيان مان.

اهـي سج، چنڊ ،تـارن جون سـموريـون روشـنـيـون اڪري،
وڌيـو هـو بـيـخـوديءَ مان جـو عدم ڏي، پـيـر آهيان مـان.

پـڇــو ٿــا ڪـيـر آ زاهــد! ڪـٿــان آيـو، ڪـٿـي ويــنــدو؟
الائــي ڇــو نــٿــا ســمــجـهـو! الائــي ڪـيـر آھـيـان مـان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/05/2016

سرمئي ڪنهن سار جون ڳالهيون نه ڪر

غزل

علي زاهد

سرمئي ڪنهن سار جون ڳالهيون نه ڪر،
اڄ وري سي پيار جون ڳالهيون نه ڪر.

تو جتي مون کي ڇڏيو هو هيکلو،
تنهن ڀريءَ بازار جون ڳالهيون نه ڪر.

ٿي شڪسته ناوَ چئي پاتار کي!
عشقَ جي آزار جون ڳالهيون نه ڪر.

چاهتن جي ڪنهن سفر کان اڳ، پرين،
ماڳ جي اظهار جون ڳالهيون نه ڪر.

تڙپ کان وڌ ڪا به ٻي سُولِي نه آ،
تون اڃان ڪنهن دار جون ڳالهيون نه ڪر.

تنهنجي نيڻن جا سمندر ٿا چون،
'او چريا! پاتار جون ڳالهيون نه ڪر.'

عشق جو ڌاڳو ٻڌي سهڻي وئي،
هاڻ تِک ۽ تار جون ڳالهيون نه ڪر.

ڪو چوي درويش، ڪو زاهد چريو،
رمز ۽ اسرار جون ڳالهيون نه ڪر.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2015

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي



غزل

علي زاهد

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي،
ڪُونڀٽن سان گڏ نچان، برسات پئي.

مسڪرائي ٿر سڄو، امبر سڄو،
مور جي کنڀن مٿان برسات پئي.

بادلو، هڪڙو ڪڪر ترسائجو،
هُوءَ نڪري جئن گهَران، برسات پئي.

عشق ۾ هوءَ راڳڻي، مان تانسين،
نانءُ هُن جو جي وٺان، برسات پئي.

مور چونري تان ڏئي ڀڙڪو چيو،
ڪو ڪڪر ڳولي اچان، برسات پئي.

ڪو ته ڪارونڀار کي ريڙهي اچي،
رُڃ کي ويڙهي رکان، برسات پئي.

ڄڻ پٿرجي هِن ويون زاهد اکيون،
سال گذري ويا منجهان برسات پئي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/06/2015

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،


غزل

علي زاهد

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،
دلبــريءَ جـو قسـم دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

گـفـتـگـوءَ تـي پـئـي بــرف آ مــاٺ جــي،
ڪـو ڀــُريــو آ ڀــرم دل مڃـي ئــي نه ٿــي.

هـي اسان جون اکيون ۽ وکون تنهنجي لئه،
ٻـي ڪـا راھ و رسـم دل مــڃـي ئي نه ٿي.

دل جـلي مـون پَـلِـي پـر پـليـان ڪيتري؟
آ وڇــوڙو وهــم دل مــڃــي ئــي نه ٿــي.

ڪيئن چوان سوچ جون آڱريون هِنِ وڍيون،
سِـر قـلـم ٿـيـو قــلـم دل مـڃـي ئـي نه ٿي.

ڪـائــنــاتــون ســڄــون پــرتوو يار جو،
بُـتـڪـدي ۾ صـنـم! دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

يـار زاهــد! ڦِـريـو در پـريـنءَ جي پُڄين!
ٻِـي ڏِسـا ڏي قدم دل مڃـي ئي نـه ٿــي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/09/2014

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن


غزل

علي زاهد

پايل سان گڏ ڇا ته ادائون رقصان هِن،
تو تان ٿيڻ لئه گهور، هوائون رقصان هِن.

تنهنجي وک جو رُخ الائي ڇا هوندو؟
اوسيئڙي ۾ چار ڏِسائون رقصان هِن.

منهنجو عشق سدا لئه تنهنجو ٻيلي آ،
منهنجي من جون سڀ وفائون رقصان هِن.

ڪهڙي منهنجي نيڻن ساڻ اٿن نسبت؟
مون سان گڏ گهنگهور گهٽائون رقصان هن.

عشق ڪڏهن ڀي جهونو ٿيڻو ناهي پر،
حُسن حياتي ماڻ بقائون رقصان هن.

منهنجي آڳنڌ ڏي ڪا رات لڙي زاهد!
دروازي تي يار سنجهائون رقصان هِن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/01/2014

ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا، آيا ها ٻوڙڻ، سِڪي سِر گهورڻ، سِکي ورتائون عشق کان


بيت (سارنگ)

علي زاهد

ڪڪر ڏني ڪوٺ، وسڻ ۽ وهسڻ سندي،
اسان ڇپرن اوٽ، روئي رُتِ رڱي ڇڏي.

روئي رُتِ رڱي ڇڏي اسان جي اکڙين،
مٿان بارشن، وسئون ڪِين گهٽائيو.

وسئون ڪِين گهٽائيو بارش جي بوندن،
اسان کي پِريُنِ روئڻ ڏنو ڪِينَڪِي.

روئڻ ڏنو ڪِينَڪِي سُپريُن سنديءَ سار،
کِلي سڀ آثار، مِٽايائين مونجھ جا.

مِٽايائين مونجھ جا سمورا اسباب،
اسان، منجھ آداب، سِر نمايو سونهن لئه.

سِر نمايو سونهن لئه، ڪڪرن ڪارونڀار،
اسان سندو يارُ پَسيُنِ ڪِٿي پنڌ ۾.

پَسيُنِ ڪِٿي پنڌ ۾ اهڙو نينهن عجب،
ڪڪرن لاءِ غضب، وسيا بيوسا بَڻي.

وسيا بيوسا بَڻي، اولھ کان آيا،
ٻوڏُلَ لئه ڄايا، ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا.

ڪڪر پاڻ ٻُڏي ويا، آيا ها ٻوڙڻ،
سِڪي سِر گهورڻ، سِکي ورتائون عشق کان.
—


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪاٿي آهين روشني؟

وائي

علي زاهد

من من ٿاڪ اماس،
ڪاٿي آهين روشني؟

ديپڪ سڀ اجهن پيا،
ٿيندا نيڻ نراس.
ڪاٿي آهين روشني؟

نيرو نڀ رُسي ويو،
ڪاراٽيل آڪاس!
ڪاٿي آهين روشني؟

عمر سموري جهاڳيو،
اوندھ جو بنواس!
ڪاٿي آهين روشني؟

ڀور ا ڀورا ٿو لڳي،
واٽن جو وشواس.
ڪاٿي آهين روشني؟

جگنو جاچيندا وتن،
تارن جو اتهاس!
ڪاٿي آهين روشني؟



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
غزل

علي زاهد

دل جلِيءَ جو نشان ٿو ڳوليان،
جِتِ جلِي سو مڪان ٿو ڳوليان.

ڪيترا درد هِنِ ڪَٺا ٿي ويا!
ڪِٿ کپايان، دڪان ٿو ڳوليان.

ارتقا نئين ڪجي محبت جي،
ڪوئي اهڙو جهان ٿو ڳوليان.

رازداري رکي سگهي جيڪو،
دوستُ اهڙو مهان ٿو ڳوليان.


ٻُڌ ڪليسا، چوي ٿو پاريهر،
“امن جو آسمان ٿو ڳوليان“.

ڇو ته صوفيءَ وڃائِي درويشي؟
اڄ چوي ٿو ته مانُ ٿو ڳوليان.

وقت ٿيو، ويو وڃائجي زاهدُ!
عشق جو داستان ٿو ڳوليان.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي


ايڪتا ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان لکيل نظم

علي زاهد

الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي
اسان جي نسل ۾ ڪو ويڇو به آ
اسان جي دلين جي درن جي اڳيان
ڪو نفرت جو، مذهب جو ليڪو به آ،
موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جُڙيل
اسان جون دراوڙ دليون هِن سڄڻ
اسان جو ضمير ۽ خمير آ عجب
الستي اسان جي آ هستي پرين
اسان کان ئي انسانيت ٿي شروع
اسان ماڻهپي جا علمدار هون
اسان جو حسب ۽ نسب وڏوڙو
۽ تاريخ جا هون ڌراڙا اسين
وفائن جو اهڃاڻ پنهنجي مٽي
اسان جون جڙون کيرٿر ۾ کُتل
۽ ڪاڇو آ نهٺائيءَ جو سلسلو
ڪَچي جا ڪشالا اسان جو فخر
پڪي جا حوالا اسان جو هُنر
اسان شاھ درياھ جا نگهبان
۽ درياھ پنهنجو سدا ڀرجهلو
ڀٽائي اسان جو سچو راهبر
تِمر جي تپسيا اسان جو ثمر
رکون حوصلا ٿا بلاول سندا
۽ سچُوءَ جو وجدان رڳ رڳ ڀريل
اسان ئي هون ٻيجل، اسان راءِ ڏياچ
آ ڪونرُو ۽ ٻاگهِي اسان جو صبر
ننگر جي جگر جو جگر روپلو
مٽيءَ جيءَ رڪشا جو ضامن هيو
ڪَنوَر جي ڪلا ۽ جلا کي ڏِسو
ڪو چارڻ ڪو ٻيجل هيو دور جو
ڏيارام منهنجي مٽيءَ جي ڏيا
ڪشن چند، موهن ۽ منهنجو شيام
هُو ڏاهر، هُو مايِين، هُو مينڌرو
محبت شجاعت جا پيڪر هئا
اها ئي آ سنڌڙي، امانڻون وطن
اهي ئي اسان ۽ اهو ئي چمن
اهي ساڳيون ٽاريون هِن ٽڙيل
مگر ڇو گلابن ۾ خوشبو جدا؟
هِتي سو تِمر ۽ ڀڳت ٿو رهي
رهي ڪوئي موهن، ڪشن ڪو شيام،
محبت جو رشتو اڃان ناتمام
مگر دور منهنجي جا اي دلبرو
ڪٿي آ سا تاريخي تهذيب ۽
ڪٿي رهجي ويا پنهنجا روشن خيال
ڪٿي سي رهيون سوچ جون وصعتون
ڪٿي پنهنجا ڪردار هِن باڪمال
رکيا ڀِيلَ ڪي ئي مٽيءَ ساھ ۾
ڇو ڀُوري جو مڙُھ ٿو رُلي راھ ۾
مٽي خود ڏِسي پئي مٽيءَ جو لقاءُ
مٽيءَ سان هي ڪهڙو ڪيون ٿا انياءُ
هي ويڇا هي دوکا دغا جا پرين
هي نفرت، هي انڪار ڇا ٿو ڏَسي؟
هي ڳڻتي اندر مان وڃي ئي نه ٿي،
الئه ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي....
اسان جي نسل ۾ ڪو ويڇو به آ.......!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

باک جي تاڪ تي ڄڻ ڏيئا هِن رکيل، هاءِ تنهنجي اکين مان اجهان ۽ ٻران


غزل

علي زاهد

سونهن کي مان اکين سان ٿو سجدا ڪيان،
ان ڪري ئي سدا باوضو ٿو رهان.

حُسن سَڪرات جهڙو ڇڏي ويو اثر،
عشق دلجاءِ ڏي مان جيئان يا مران؟

باک جي تاڪ تي ڄڻ ڏيئا هِن رکيل،
هاءِ تنهنجي اکين مان اجهان ۽ ٻران.

سانوري شام آ، دل به چاهي گهڻو،
تون اچين ٻک ۾ مان پناهون ڏيان.

او مِٺي تون هجين پيار لئه تشنه لب،
مان ٿيان وڏڦڙو اوڙڪون ٿي وسان.

سڀ جهميلا ڇڏي اڄ ڪي ميلا ڪيو،
ساٿ ڏيو رقص ۾، هيکلو پيو نچان.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>