نظم
ارم محبوب
ڪيڏو جلدي ڏينهن کُٽي ٿو
پيار ڀريو ڄڻ نينهن ٽٽي ٿو
اوجاڳيل اوجاڳيل رستن تي جيئن
ماٺ جو ڪارو مينهن وسي ٿو
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
چنڊ مُک تان جيئن بادل سُرڪي ڪو
يا جهوٽو ڪوئي گل چمي ٿو
ننڍڙي جيون سان ريس پڄائي
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
گهڙيون پل ڪلاڪ ته سڀ بس
دل ڀرپائڻ جون ڳالهيون آهن
سچ جي ڳولها ڪير ڪري ٿو
ڪيڏو جلدي ڏينهن کٽي ٿو
پيار ڀريو ڄڻ نينهن ٽُٽي ٿو
( ڪتاب : ۽ پوءِِ......)



