غزل
زيب سنڌي
تنهنجي ياد قيامت آهي
پوءِ به اهڙي عادت آهي
اچ ته گڏجي ڪري وٺون
اسان جي عشق عبادت آهي
تنهنجي ساٿ سان هيءَ حياتي
جيئري ئي ڄڻ جنت آهي
سوچي سمجهي جيون گهار
املهه هرڪا ساعت آهي
لکبو ڪين شاهي فرمان تي
منهنجي قلم جي عزت آهي
راضي راڻو پاڻ ٿيو هو
منهنجي ڪهڙي حجت آهي
ٻيٽ وڪامن ٿا ڌارين کي
ڪهڙي سنڌ سلامت آهي!
