غزل
تانيا ٿيٻو
مون هميشه راز دل جا دل ۾ ئي سانڍيا هئا
شاعريءَ ٽي چار کوليا پوءِ ته بس کلندا ويا
مون هميشه ڪي بهانا زندگي گهارڻ جا چاهيا
منهنجي دل ٽي چار ڳولهيا پوءِ ته بس ملندا ويا
موت ڏانهن ويندڙ ڪي رستا مون ته سمجهيو ڪونه ملندا
زندگيءَ ٽي چار ڳولهيا پوءِ ته بس ملندا ويا
مون هميشه ساز دل جا اڻ ڇهيل سانڍيا هئا
پيار تنهنجي تار ڇيڙيا پوءِ ته بس وڄندا ويا.