امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/03/2013

حسن تي مرڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي



شاعري

بيخود بلوچ

حسن تي مرڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي،
مري پوءِ جيئڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

جفا جي شهر ۾ اڳيان خنجرن جي،
گهمڻ ۽ ڦرڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

تکي تيز اُس ۾ مزوري ڏُکي آ،
شعر ڪو لکڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

جو ڀُلجي به ڪڏهين ملڻ ڪو نه آيو،
انهيءَ سان ملڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

خبرداري ۽ هوش بهتر آ ’بيخود‘،
هي بيخود ٿيڻ ڀي وڏي ڳالهه آهي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>