غزل
منير سولنگي
ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن،
مور نه چت تي چڙهندا آهن ناتو ٽوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو عيسيٰ بڻجي، مرده دليون روز جياري.
مهر محبت وارا خيما جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو ماکي مصري، سورج کان وڌ روشن روشن،
هر ڪنهن جي دل اندر يارو جايون جوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو رڃ جا راهي، سسئي وانگر پنڌ پڇائي،
من جي مقصد ماڻڻ خاطر برٿر ووڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو وڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا،
رانجهوءَ واري رمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير،
سونهن مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن.