غزل
امداد سولنگي
سھڻيءَ ساريو تر ۾ نينھن
جاڳي پيو آجر ۾ نينھن.
تنھنجي پوتي پائي سسئي!
مھڪي پيو آ بر ۾ نينھن.
تو وٽ ڇاھي ڄام تماچي!؟
سارو آ ڪينجھر ۾ نينھن.
شاعر تنھنجي ڳالھه املھه
اوچو سڀ کان ڌر ۾ نينھن.
مُور نه مرندا ھي ٻاٻيھا،
جئيرو رھندو ٿر ۾ نينھن.
ياد اوھان جي ڀيڄ ڀنيءَ جو،
اکڙين ٽاڪيو در ۾ نينھن