امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/10/2015

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن

غزل

آثم ناٿن شاهي

تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن،
تنهنجي ساهن جون سُرهاڻيون مون کي آڻي ڏينديون آهن.

پل ۾ پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهن ٽهڪ خوشيءَ جا،
شاديءَ کان پوءِ موڙن جا گل ٻڪريون کائي وينديون آهن.

ويا ڪل من جو آٿت بڻجي اينديون آهن ڪي ڪي جهڻڪون،
ڪي ڪي مُرڪون ويندي ويندي، ساهه نپوڙُي نينديون آهن.

توکان پوءِ به تو جئن مون کي پيار ڪنديون هن ڀاڪيون پائي،
تنهائيءَ ۾ جيڪي ڳجهه جون ڳالهيون توسان ٿينديون آهن.

ننڍڙيون ننڍڙيون چنتائون ڀي نيٺ وجهن ٿيون ماڻهو ماري،
ٻاڪُوءَ ماپ ڪهاڙيون آثم! لنبا وڻ وڍينديون آهن!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان

غزل

آثم ناٿن شاهي

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان،
تئن زياده پنهنجي لڙڪن ۾ لڙهون ٿا تون ۽ مان.

توکي ڊپ پنهنجن جو ۽ مون تي سماجي بندشون،
روز رسمن جي صليبن تي چڙهون ٿا تون ۽ مان.

تون لکين ٿي مون ڏي خط ۽ مان غزل ٿو موڪليان،
حال هڪ ٻئي جو ائين ڀي پيا پڙهون ٿا تون ۽ مان.

پاڻُ مان ڀي ٿو پتوڙيان، تون به لوچين ٿي پئي،
هوري هوري پنهنجي سنگم ڏي رڙهون ٿا تون ۽ مان.

منهنجي ڪوتا، تنهنجا سڏڪا قيد ٽوڙيندا ڪڏهن،
مدتن کان جن جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهون ٿا تون ۽ مان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين

غزل

آثم ناٿن شاهي

جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين،
تڏهين تڏهين ساڀيان ۾ ڀي سپنو لڳندو آهين.

مَن ۾ موتين کاڻ کنيو، چُپِ چاپ وتين ٿو هلندو،
ساگَر انت نه جيئن، تيئن تون ڀي اُونهو لڳندو آهين.

رسمن جي ڦاهيءَ تي چاڙهيل، بي وس ۽ بي ڏوهي،
سچَ وانگر او سانول سَنهڙا! سهڻو لڳندو آهين.

جُهڙ ۾ جيئن ئي گهر کان ٻاهر ايندو آنءِ اڱڻ تي،
ڄائوُ پاري ۾ ڄڻ سِـج جو تِڙڪو لڳندو آهين.

تو سان منهنجو رِيت، روايت، رَتَ جو ڪو سَڱ ناهي،
پو به الائي ڇا لئه ايڏو پنهنجو لڳندو آهين.

ڪَنَ ۾ ڪِلڪ ڪاڳر ڪَڇَ ۾ لالُ اکيون لِڱ ميرا،
ڪڏهين ڪڏهين آثم تون ڀي چريو لڳندو آهين!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو

غزل

آثم ناٿن شاهي

نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو،
رڳو پورُ پولارُ ڏسجي ٿو آڏو.

هٿين خالي، هيکل، جيئن جنگ ۾ مون،
ڏنو آ سدائين مِرُنُ سان مُهاڏو.

جي ڏاڍا ها، تن حق منهنجا ڦَٻايا،
هُئو هونءَ ته سڀني جو هڪڙوئي ڏاڏو.

لڳي ٿي ڪا سازش مونکي هيءُ ڪهاوت،
سڀاڳن جو ٿئي ٿو ڍُڪو پاڏو پاڏو.

هَجي موقعو مرَتئي جي لکڻ جو،
ته ڪيئن ساٿيو! مان لکان ويهي لاڏو؟

ڇَٻَر ريءَ ٻيو گهر ۾ هوندن ڇا، ’آثم!‘
کَٿِي ۽ کُرئٻي جو کنيو جو کُراڏو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾

غزل

آثم ناٿن شاهي

آءُ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾،
جَل پَرين جهڙين هزارن سانورين جي شهر ۾.

ڀانئجي ٿو مون کي ڀي چريو ڪري وجهنديون اُهي،
جي اڃا ڪجهه وقت رهڻو پيو چَرين جي شهر ۾.

ڇا ڪبو، جي دل نه رهندي داءُ پوندو کيڏڻو،
پاڻ کي وڃبو کٽائي لاٽرين جي شهر ۾.

هر طرف جهنڪار ئي جهنڪار جا سُر ٿا ٻُرن؛
هٿ ڪڙين، چوڙين، سِڪن ۽ جهانجهرين جي شهر ۾.

ڪيترا ڇورا بڻيا ٿا هِت وِتن سيف الملوڪ،
هن زماني جي طلسماتي پرين جي شهر ۾.

ڪيئن ڪمرن جي اندر جا راز ڪو سمجهي سگهي؟
هن سمورن بند دروازن، درين جي شهر ۾!

هِت نه هڻ آثم! وڃي ڪنهن در تي سر جي سئن تون،
چنگ چارڻ! ڪير ٻڌندءِ بانسرين جي شهر ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن

وائي

آثم ناٿن شاهي

گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪچي، ڪاڇي، ڪوٺڙا ڍَڪجن ساڻُ ڪِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نَڙَ، بوڻينڊا، بَئنسريون، ڇَنَ ڇَنَ ساز ڇڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

نارَ، نلڪا، چيچڙا، گِرڻا روز گِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ڪِرڙن، ڪانڊيرن جا، پر ڀي گُل ٽِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٻنيارن جا، ٻارهو وِک وِک کيٽ کِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!

ٿَر وسَي، مثل ٿاڪ تان ٿاريلا نه ٿِڙن
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/10/2015

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو

غزل

آثم ناٿن شاهي

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،
دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،
رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،
لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،
اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،
سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،
قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛
پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>