امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/06/2020

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري، پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تو دلڙِي يارَ! ڌتاري،
پو ير! ڪانہ ڪَيَئي پوئواري.

تنهنجا ڪيس پيارَل! ڪارا،
آهن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئه وارا،
پائن ڳٽَ ڳچي ۾ ڳارا،
ڪن قيد سياڻا سارا،
مَهمِيرن تي سي مارا،
ٿيَن وِيرَ به اُت ويچارا،
ٿا شاهه ڀرن شوڪارا،
منهنجي نرمل آهي نيزارِي.

تنھنجي پاڪ پرين پيشاني،
آهي نِرمل! نور نشاني،
سج چنڊ کي لڳي حيراني،
ناهي تنهنجي ثُريا ثاني،
ٿيا تنهنجا مٽُ نه شاني،
ڪر اچڻ سَندِي احساني،
وٺ مُحب مٺا مهماني،
اچ اڱڻ مٿي دل جاني،
تنهنجي محبت دلڙِي ماري.

تنهنجون اکڙِيون ٻئي مئخانا،
يا پُر ٿيل پيمانا،
يا مُحِبَ ٻئي مستانا،
ڪن درد وارا ديوانا،
اتي جُنگَ ڀرن ٿا جانا،
تون شمع، ٻيا پروانا،
تنهنجا شوق آهن شاهانا،
هي راز ٿيا رِندانا،
تنهنجي اڳتئون توبه زاري.

تنهنجي قربَ ڪرايُون ڪِيهُون،
شب روز رئان ڪري رِيهُون،
ڏنيون پِرِتِ پيارل پِيهُون،
ويون ورهن گذرِي وِيهُون،
ٿي دلڙي ڇيهُون ڇيهُون،
تنهنجي فڪر سُڪايون ڦِيهُون،
اچ بِرِهه ۾ گڏجي بِيهُون،
ڪئي گوندر آ گلزارِي.
.

محبوب ڦٽا ڪر ماڻا،
هي رمز سکـئين ڪيئن راڻا،
تُنهنجي گهُورَ گهمايا گهاڻا،
نٿا مورهئون وڻن وِهاڻِا،
تنهنجي صدمن ڪيا سَنڌَ ساڻا،
وجھان ٽپڻا روز ۽ ٽاڻا،
تنهنجا سور آهن سيباڻا،
تنهنجي تاتِ طلبَ ۽ تارِي.

اچ واعدا پرت جا پاڙيون،
هڪٻئي سان سور سلهاڙيون،
دل، دل ڏي لالڻ لاڙيون،
ٿا سُورَ وڃن سَنڌَ ساڙيون،
ٿيو چِيتو آهي چِيهاڙيون،
دل درد وڃن ڌونڌاڙيون،
اڄ وِرِهَه وَسايُون واڙيُون،
تنهنجي در جُون مَٽُ نه ماڙيُون،
ڪر سهڻا يارَ ستاري..

تنهنجو طالب مولي آهي،
ٻئي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي،
رَسُ تنهن کي قرب مان ڪاهي،
ٻيا لڳَ لاڳاپا لاهي،
ڇڏ وِيرَ وِرِهَه جِي واهي،
ڪير سينو توسان ساهي،
اها طاقت ڪنهن ۾ ناهي،
اچ مون وٽ گاهي ماهي،
لاءِ بِرِهه جي يار بَهارِي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/03/2013

وئي عمر گذري خوب عطائون ڪندي ڪندي



مخدوم طالب المولا 


وئي عمر گذري خوب عطائون ڪندي ڪندي 
ماڻهن گھٽايو ڪونه دغائون ڪندي ڪندي

راضي رکڻ ۾ ان کي مان ناڪام ئي رهيس
تسليم ان جون روز رضائون ڪندي ڪندي

هيء ڳالھ سمجھ ۾ ته اڃان ئي نه ٿي اچي
وڻندو وڃي ڇو جاني جفائون ڪندي ڪندي

مان دل ڏيڻ ۾ واقعي محتاط آهيان 
ليڪن هو دل کسي ويو ادائون ڪندي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو



غزل

مخدوم طالب المولا

غلط راهن تي اڪثر ٿو کڻي هرڪو قدم پنهنجو
جو اڄ ڪلهه پيشوائن جا اهي ويچار مٽجي ويا.

پيڻ کان پوءِ وڦلڻ جو اچي ٿو دؤر اي همدم
اهي ساقي بدلجي ويا اهي ميخوار مٽجي ويا.

پراون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون طالب الموليٰ
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.

ٿيا زيب چمن سي گل نه آهي جن ۾ ڪا خوشبو،
ڪجي ڇا گلستانن جا سمورا باغبان بدليا.

نٿا پهچي سگهن منزل تي قومي قافلا اڄ ڪلهه،
سبب هي آهي جو آهن امير ڪاروان بدليا.

عمل ظاهر ۾ هڪڙو قوم جو باطن ۾ رمزون ٻيون،
ڀلا ڪيئن روح پيدا ٿئي جو سڀ روح روان بدليا.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>