امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/01/2016

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي



وائي

قمر شهباز

مچ مٿان ڪي سچ جا ساکي، آيا ميڙو ٺاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

ڪاريءَ ڪڪريءَ مان برسي، ڪالاٽ لهوءَ جي آهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

پنڌ پري آ، پنڌ پري آ، آءُ لاڳاپا لاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

جيسين دم آ، غم ئي غم آ، سانت سکن جي ناهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

تنهنجي منهنجي اک جو اُلڪو، بيٺو سينو ساهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

اڄ جا سپنا ڪلهه جون يادون، کلندي چڙهنديون ڦاهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.

مَڇ ته ڏاڍو مڇريو آهي، بَڇ تي بيٺو باهي،
ڪا ڳالهه مڙيوئي آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/03/2013

جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين، اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس



التجا

قمر شهباز

جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها – ڌڪاري ڇڏين ها!

خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها – تون ماري ڇڏين ها!

يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها – وساري ڇڏين ها!

جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها – پياري ڇڏين ها!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

رات چانڊوڪيءَ رَتلَ، ڪا پَلڪَ ترسين ته ها!


وائي

قمر شهباز

رات چانڊوڪيءَ رَتلَ،
ڪا پَلڪَ ترسين ته ها!

چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ها
مَچَ چاهت جا مَتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

گهُورَ جي گهراءَ ۾ ها
ساهه سالن کان سُتَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

ڪنهن جي اکڙين ۾ ڏٺو مون
 توکي روئيندو او اجل،
 ڪا پلڪ ترسين ته ها.

مون چُميو ڪنهن چنڊ کي هو،
سي پيارا هاءِ پَل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.

منهنجي جهولي ۾ جهُليو هو چنڊ،
ڪنهنکي ڪهڙي ڪل،
ڪا پلڪ ترسين ته ها.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>