نياز همايوني
تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ، الا!
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ، الا!
تنهنجي دنيا انڊلٺ ريکا
منهنجي دنيا گدلا بادل.!
تنهنجي دنيا سج جا پاڇا
منهنجي دنيا چنڊ جان گهايل.!
تنهنجي دنيا لهريون لوڏا
منهنجي دنيا اجڙيل ساحل.!
تنهنجي دنيا چيٽ جا ميلا
منهنجي دنيا هيڪل وياڪل.!
تنهنجي دنيا سندر سپنا،
منهنجي دنيا اکڙيون اوجاڳيل.!
منهنجي دنيا مرگهه ترشنا
تنهنجي دنيا رمندا بادل.!