امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


03/06/2016

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين

غزل

سميع بلوچ

پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين
منهنجي ننڍڙي ڳاله ڀي دل ۾ ڪيائين

خواب ڀي پنهنجي بِستري جِيان،
صُبح ٿيڻ سان ويڙهي ڇڏيائين.

اڄ اجنبي جِيان ڀر مان گُذري!
ڪاله تائين پَئي پنهنجو سَڏِيائين.

ذڪر نه مُنهنجو ڪِٿي بي اچي!
اِها ڳاله آخري خط ۾ لِکيائين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

نـانءُ مـنهـنـجو لکي سيني لا تئي سـکي



غزل

سميع بلوچ

نـانءُ مـنهـنـجو لکي سيني لا تئي سـکي
تنهنجي ڌڙڪن ۾ هان دل تي ڏس هٿ رکي

تنـهنجي جـوڀـن جون نديون تلاشي پيو
ر يــت جـي رڃ ۾ عـشق جـو ڪو پکي

پـن پـن ٿي امر ويـو سـڄي کـيـت جــو
تو ڇهيو جنهن منجهان هڪڙو سورج مکي

نـيـهـن تـوسـان لـڳائـي سـجـائي ڪئي
ٻـيـو نه پـڇ زنـدگي هـئي ڪـيتري ڏکي

تـوکي ساهن ۾ محسوس ٿيندس “سميع”
نـانء مـهنجي مـٿان چپ رکـجان ڏسـي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>