غزل
مير صوبدار سعيد
ڏکين پيچرن تي هلڻ ڀي سکي وٺ
ڪنڊن تي پيارا گهمڻ ڀي سکي وٺ
اهي ٽهڪا ٽهڪا سدائين نه هوندا
چڱو ٿئي ته مٺڙا روئڻ ڀي سکي وٺ
جتي عشق وارن جا آهن آکيرا
اوتارن انهن ۾ اچڻ ڀي سکي وٺ
هتي پيار تي سخت پهرو لڳل آ
اندر ئي اندر ۾ پچڻ ڀي سکي وٺ
متان واٽ ڀلجي وڃين زندگيء جي
سو رهبر جي پٺيان هلڻ ڀي سکي وٺ
اچانڪ متان چنگ چوري ڪو چارڻ
پنهنجو سر اڏيء تي رکڻ ڀي سکي وٺ
سعيد اڄ سڀان نيٺ رسندين پريئن کي
جو پڇڻو نه منجهڻو پڇڻ ڀي سکي وٺ
.......................................
ماهوار نئين زندگي جي آگسٽ 1987ع جي شماري ۾ ڇپيل