امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/09/2016

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

 شاعري : حليم باغي 

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا، 
اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون، 
اڃارا سانگ هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي، 
ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.  

هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل، 
اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا، 
اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي، 
اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات، تنهنجيءَ تات ۾ ويئي، 
اکيون جليون، ٻريا چارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 _____ 

سانگ: ناز، نٽ، تماشا 
چارا: واٽون، رستا  
 شاعري : حليم باغي 
ڪتاب : اڙي شهر جانان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/02/2015

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾

حليم باغي​

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀاڻ ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪارو وان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجهائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هوُ مياڻي هوُ ٽلٽيءَ
اسان جيون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/03/2014

سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا

حليم باغي

سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا
هن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا

هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي هن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ
سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جھڪي ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ

هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌهل اهل_تسبيع به ها اهل_تقوا به ها
بت پرستي سان اٽڪڻ جي جرت نه هئي اهل_منسب به ها رڻ جا جوڌها به ها

هڪڙو مرد_قلندر صفا ناتوا جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليرون هئي
جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند ها جان تانن جي تيرن سان سيرون به هئي

هن جي للڪار سان لرزيا بت قدا چنڊوخانن جي چانٺ به ڌڏڪڻ لڳي
ڪن ته سجاد پوشن جا پٽڪا ڏريا دل فقيرن جي پيرن جي ڦٿڪڻ لڳي

اي مسند نشينو گھڻو هي ٿيو هاڻي درگھائون تڪيا به خالي ڪريو
ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي ان جي بهيجي ۾ گانجيا نه آفيم ڀريو

لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌه لٽبي رهي ڪاله جليو ٺٽو اڄ ڪلاچي به وئي
اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا اڄ آميءَ پاپيءَ جي ميت اٿي

اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون_ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
تنهنجي اوڇي روش جي نه پرواه اٿم خون_عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙه ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ
هڪ بلاول هيو جيڪو ڪٽجي مئو هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2013

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي

ڄام شوري جو پٿر

حليم باغي

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،
ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي،
ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن،
ها ! هتان موتئي جو ڪليون به کڻو،
هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو،
هوءَ ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا،
هوءَ جا پنهنجي خوابن جي آ ساڀيا،
هوءَ اسان کي ڏسڻ ڏيو شرم ٻوٽڙي،
جيڪا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي.
ڇا، چئون دل سان هوءَ ڪجهه ڪريو ٿي وڃي،
ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل،
اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال،
مگر هو ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي،
جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي،
ملي ٿو نه سڳ،
هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري،
سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان،
سڌا سائينس وينوسس تي هٿ ٿي وجھي
مروڙي ڇڏي ٿي والو هرٽ(Valve Heart )  جا
هوءَ جا هر روز هڪڙي نئين ڍنگ سان،
دل جا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيو ڇڏي،
ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي،
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون،
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي،
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،

ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/05/2013

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي



حيلم باغي

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي

هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي

نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي

هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي

ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.

بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي

جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

هاءِ اسان جو روڳي منڙو



گيت

حليم باغي

هاءِ اسان جو روڳي منڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو
واچوڙن ۾ الجھي اڏري
جيئن پپل جو ڇڻيل پنڙو

پاڻ ته آهيون رمتا جوڳي
ڪنهن سان پيارڪرين ٿي ڇوري
پاڻ پٿر جي پنڌ جا راهي
تن جي ڀانءُ نه ڀلجان ڀوري
پنهنجي نيڻن ۾ رڃ وسي ٿي
پنهنجي پيرين ٻرندڙ بنڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو

پنهنجي وس ۾ لهرون ناهن
پنهنجي وس ۾ ناءُ به ناهي
ٻاجھ ڀريا هٿ وار ٻيڙياتا
ڪو به سڻائو واءُ به ناهي
جھرندڙ جندڙيءَ جو تون ساحل
ٻڏندڙ ٻيڙي جو تون ٻنڙو
هاءِ اسان جو پاڳل منڙو




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/03/2013

وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا



غزل

حليم باغي

وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا
وري سهج جا ڪجھ ته سامان ٿي ويا

اسان جي اميدن به ڪجھ رنگ لاتو
اوهان جا به موسم تي احسان ٿي ويا

جتي ڪنڌ لوئي ڪُٺي ڪالهه ڪونجي
اتي گيت منهنجا به ويران ٿي ويا

ڏسي تنهجي چوٽي ۾ گينڊي سندو گل
ستارا ويچارا پشيمان ٿي ويا

جيالن جڏهن تنهنجو نالو اچاريو
ته سِر تان او سنڌو! سي بي ڌيان ٿي ويا

اسان عشق کي دل کان هٽائڻ جو سوچيو
وري زلف تنهجا پريشان ٿي ويا

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اڙي شهر جانان، ڪي توکي سنڀارون



حليم باغي

اڙي شهر جانان، ڪي توکي سنڀارون
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون
هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا
هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون

هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جيون پچارون
هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پري ڪنهن جھڪايون نهارون

اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل
تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون
هي وک وک تي منهنجي پياري جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون

۽ هُن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
"او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون"

اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هائيوي لڳ هو پيليون ديوارون
صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون

سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي
۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي"

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>