18/06/2014
13/01/2014
تنهنجي در کي جو به نهاري آيو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
پريم پتافي
تنهنجي
در کي جو به نهاري آيو آ،
پنهنجي
پويان درد قطاري آيو آ.
پل ڪو
تنهنجي نيڻن ۾ ڇا ترسيو هو،
پنهنجا
سارا خواب وساري آيو آ.
ويندي
ويندي چؤواٽي تي بيهي ڪو،
سوچي ٿو
هُو ڪنهنجي لاري آيو آ.
رات
ڀٽائي جي محفل ۾ شعر پڙهي،
شاعر
پنهنجا شعر اُجاري آيو آ.
اڳ ۾
اهڙو ڪو نه ڪڏهن هو درد مِليو،
جاني!
جهڙو هيل سياري آيو آ .
هر شخص فنا آهي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
پريم پتافي
هر شخص
فنا آهي.
۽ فن کي
بقا آهي.
ايمان
بچايوُن شل!
ٿيو شخص
خدا آهي.
بي فيض
رهيا ناهيون،
جيجل جي
دُعا آهي.
مٽي مان
ٿيل پيدا،
فطرت جو
لقا آهي.
هن دور ۾
شاعر ئي،
‘موسيٰ’
۽ ‘عَصا’ آهي.
اَڄ سوڳ
۾ ٻيهر ڏس،
‘زينب’
جي رِدا آهي.
ڪرتوت
هِي ماڻهو جا،
ابليس
خفا آهي.
ڇڪجي ٿا
وڃن ماڻهو،
جنهن طرف
هوا آهي.
آدم جي
حصي ۾ ڀي،
هڪڙي ئي
خطا آهي.
سار تنهنجي بهار وانگي آ
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
پريم پتافي
سار
تنهنجي بهار وانگي آ.
ڪنهن
ڪنواريءَ جي پيار وانگي آ.
تنهنجو
مُرڪڻ لڳي ٿو اِئن مون کي،
مَڌ جي
ڄڻ خُمار وانگي آ.
ساري
دنيا هي خوبصورت ڄڻ،
تنهنجي
پهرين نهار وانگي آ.
پير پاتو
نه تو اڃان آهي،
گهر به
لڳندو مزار وانگي آ.
روز
توسان ملڻ جو سوچي ٿي،
دل هي منهنجي به ٻار وانگي آ.
_____
اسان رات
تنهنجي شهر ۾ رهياسين.
پرين! ڄڻ
ته خوشبُوءَ ـ نگر ۾ رهياسين.
ملي ڪانه
منزل اسان کي ڪڏهن ڪا،
حياتي
سموري سفر ۾ رهياسين.
نه توسان
مِلياسين، کِلياسين، رُناسين،
زماني جي
ظالم نظر ۾ رهياسين.
تڏهن
سونهن ساڃهه اسان وٽ ملي ٿي،
ڀٽائي جي
سُهڻي اثر ۾ رهياسين.
نڪي پاڻ
ٺاهيم، نڪي گهر کي ٺاهيم،
سدا عشق
تنهنجي چڪر ۾ رهياسين.
ڪڏهن سنڌ
کي بس ملي آجپو ٿو،
سدائين انهي ئي فڪر ۾ رهياسين.
_____
ايترو نه
ڪنهن کي سارجي.
ايترو نه
خود وسارجي.
ايترو نه،
زندگي لڳي،
ايترو نه
پاڻ وارجي،
ايترو نه
سوچجي ڪڏهن،
ايترو نه
پاڻ ڳارجي،
ايترو نه،
دل ٽُٽي پوي،
ايترو نه
هانءُ - هارجي،
ايترو نه،
ڪو مري پوي،
ايترو نه
خود سينگارجي


