امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/11/2016

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

غزل

سعيد ميمڻ

رَسِي سگھيون نه صدائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا
ڀَريُون نه دل جون خلائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

لکُون ھا گيت گلن جي حسين باغن ۾
رُلڻ لئه روڊ ڏنائون، ته نيڻ ڀَرجي وِيا

کڻي نگاھ اُڃارِي، ڏٺوسين صحرا مان
مٿان وَسيُون نه گھٽائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

جَنين تي دِيدَ پَوَڻ سان ئي لُونء ڪانڊارِي
کڻي نه نيڻ ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي ويا

ملي سگھياسين نه ھُن سان ئي ڄامشوري ۾
مليون اُھي ئي ھوائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا

اسان ته ننڊ ڪرڻ لاء نيڻ ٻُوٽيا ھا
اوھان جو خواب لڌائون ته نيڻ ڀرجي وِيا

ھا چار پيرَ، ڪنارو ۽ سُرمئي سانجھي
ڪُنن ۾ ڪين ڏٺائون، ته نيڻ ڀرجي وِيا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2015

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي

غزل

سعيد ميمڻ

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي 
ڇا ته خوشبو اُٿي آهي ڇڻڪار تي 

هيءُ ڪهڙو مصور چٽي آ ويو 
آنءُ بيٺو ڏسان نقش ديوار تي 

ڪنهن جو ڪارو وڳو اُس ۾ ٿو سڪي 
ڄڻ پيو آ وڇوڙو ڊگهي تار تي 

هڪڙي سرخي اکين کي پسائي وئي 
ديد پيئي جڏهن منهنجي اخبار تي 

هڪ ٺڪا ٿيو ۽ ڦتڪي ڪِريو پٽَ تي
هئو مٺي ننڊ ۾ هُو پکي ڏار تي 

ڇا به سِرجي ڇڏي ڏيوس سِرجي ڀلي
ڪا به بندش نه وجهجو ڪلاڪار تي

باغ ۾ هوءَ سُتل هئي ڇٻر تي سعيد ! 
ننڊ ويئي وٺي کيس مهڪار تي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/06/2013

بي مزي ٿئي متان محبت هي, دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي



عزل

سعيد ميمڻ

بي مزي ٿئي متان محبت هي
دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي

آنءُ ڪنهن ڪنهن جي ديد روڪيندس؟
کيس عادت آ خود نمائيءِ جي

ڪير پالي فڪر جھانن جا
دل، پچر ئي ڇڏي خدائيءِ جي

شاعريءَ ۾ ڪٿي هئا جلوه
مهرباني آ هڪڙي مائيءِ جي

ويو لڳائي هو چڻنگ چوليءَ ۾
ديد ، هئي ڇا ته معجزائيءِ جي

ڏينهن گذريو وڃي ڪمين ڪارين
رات ماري ٿي ، هيکلائيءِ جي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/03/2013

ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟



غزل

سعيد ميمڻ



ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟
دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهري.

حادثن منجهه مقصد آ ڀلجي وئي،
زندگي منزلن جا پتا ٿي گهري.

پنهنجي بيمار پيءُ جي حياتيءَ لئه،
ننڍڙي نياڻي خدا کان دعا ٿي گهري.

عشق پنهنجو سدائين سلامت رهي،
زندگي موت کان پوءِ بقا ٿي گهري.

دل اسان جي ڏکن ۾ ٿي لُڙهندي وڃي،
تنهنجي ٻانهن سندا هيءَ ٻَنا ٿي گهري.

پيار جي باغ ۾ شعر گلڙن جيان،
تن کي بد ذوق ساڙڻ هوا ٿي گهري.

ڪئن وفا جون حدون ’سعيد‘ اورانگهيون؟
هوءَ اسان کان رکڻ فاصلا ٿي گهري.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هاڻي نه هي گلن جي، چادر رکي وڃو، ٽي چار بس قبر تي، پٿر رکي وڃو



غزل

سعيد ميمڻ


هاڻي نه هي گلن جي، چادر رکي وڃو،
ٽي چار بس قبر تي، پٿر رکي وڃو.

هر روز هينئن جهڙالو، هوندو نه آ صبح،
جلدي نه هَٿُ ڇڏائي، گهاگهر رکي وڃو.

نيڻن اڳيان وڇوڙو، واريءَ تي آ وِڇيل،
ميلاپ جا اکين ۾، منظر رکي وڃو.


اڄ دل لکڻ گهري ٿي، مَنَ جي سڄي ڪَٿا،
هڪ رازدان پين ۽ ، ڪاڳر رکي وڃو.

هر هر گهرن ٿا خرچي، مان تنگ ٿي ٿيان،

ٻارن جي لاءِ سائين، ڪجهه گهر رکي وڃو.

حيلا ڪيا حياتيءَ ، تبديل ڪجهه نه ٿيو،
اڄ حالتون هٿن ۾ ، خنجر رکي وڃو.






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>