امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ
هتي ڪلڪ ڪريو!
Pages
سرورق
سليمان وساڻ جو بلاگ
تاريخ جي ورقن مان
سنڌ سلامت
29/04/2016
نفرتن جو آهي هُل، چاهتن جي ديس ۾
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
وائي
وفا گولو
نفرتن جو آهي هُل
چاهتن جي ديس ۾
خوشبوءِ روئي پئي
شاخ تان ڪريو جو گُل
چاهتن جي ديس ۾
هڪ چمي سان ڊاهجي
بيرخين جو هي جبل
چاهتن جي ديس ۾
نرگسي احساس ٿا
تلخ لهجا ڪن قتل
چاهتن جي ديس ۾
دل صحيفو پاڪ ٿي
روح تنهن جو ٿي رحل
چاهتن جي ديس ۾
درد تنهنجي جو وفا
ڪير ڳولهي يار هل
چاهتن جي ديس ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>
پراڻيون تحريرون
سرِورق