امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/11/2017

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن

غزل 

سرمد چانڊيو

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن
هن ڌرتيءَ جا من ورتيءَ جا، سڀ رنگ پرين رچنا ۾ رچن

مان کيت خزان ۾ کيڙيان ٿو، ۽ سپنو سپنو ميڙيان ٿو
هيءَ ننڊ اکين مان ڦيڙيان ٿو، تون پاڙين شال وصال وچن

اڄ دم دم دلڙي ڌڙڪي ٿي، ۽ کاٻي اک به ڦڙڪي ٿي
وشواس پيا در کڙڪائن، ٿا پُور نوان پل پل ۾ پچن

تون آءُ هلي تون آءُ هلي، مون نيڻ وڇايا آڳر تي
پَرُ سال جيان ڪي هيل وري، ڀرپور نوان ميلا ته مچن

هِي پيار ته آهي کير ندي، چاندي کان چٽي، ڪڏهين نه ڦٽي
هن دير سوير جي دنيا ۾، سرمد نه ٿيو ڪو سور سچن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/09/2015

نه ٿو ڳوليان نظارا روشنيءَ جا



غــزل

سرمد چانڊيو

نه ٿو ڳوليان نظارا روشنيءَ جا،
ٽٽي پوندا ڪنارا دوستيءَ جا.

اجايو وقت پنهنجي کي وڃائي،
وڄايون ڇو نغارا دشمنيءَ جا.

تخـّــيل همسفر رکجي ته کُلندا،
هزارين شاهپارا شاعريءَ جا.

ڪروڙين سک اوهان کي من مبارڪ،
هزارين غم اسان وٽ نغمگيءَ جا.

نه آ معبود کي کُوٽِــي ڪا بندا!
صحي ڪر فرض پنهنجي بندگيءَ جا.

اکيون ايجاد ڪن ٿيون جي اشارا،
ٽٽن ٿا عشق دروازا خوديءَ جا.

اسان وٽ شاهه جو تنبور، وايون،
اڙي ’’سرمد‘‘! سهارا زندگيءَ جا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>