امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


16/10/2015

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟

غزل

احسان دانش

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟
نهار مُرڪ ٿي آڇي، نقابُ ڇاجي لئه؟

سوال هڪڙو نگاهن کان، نگاهن آ پُڇيو،
ڏيان پو آنءُ چپن سان، جوابُ ڇاجي لئه؟

نه ساڀيان جي تمنا، نه رُڃَ تي ويساھ،
اجايو نيڻ اُڻن پوءِ، خوابُ ڇاجي لئه؟

بهارَ مُند ۾ مکڙيون ٽڙي ڀلي گلَ ٿين،
اسان جو روحُ ٿو مهڪي، گلابُ ڇاجي لئه؟

اگر لِڪل آ ڪڪر منجھ چنڊ چهرو اڃا،
ته دل سمونڊ ۾ آ، اضطراب ڇاجي لئه؟

تندن سان تند مليل آهي، روح رقصان آ،
اڃا پُڇين ٿو رڳن ۾، ربابُ ڇاجي لئه؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2014

پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو، لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي


غزل


احسان دانش

غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟
موت ڇا آهي زندگي ڇاهي؟

پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو
لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي

قربَ ۾ ڪنڌ ڪپائي ڇڏجي
جڳ سمجهي ته دوستي ڇاهي!

درد جي نانگ جو ڏنگيل آهي
کيس ناهي خبر خوشي ڇاهي

زندگي ڀر نه آءُ سمجهي سگهيس
ڪوئي سمجهائي آدمي ڇاهي

عشق جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان پو
هوش ڪهڙو ۽ بي خودي ڇاهي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/05/2014

اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن


غزل

احسان دانش


اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن

اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
اڃان بهار جي هوندي به گُلَ ٽِڙيا ناهن

اڃان اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ
اڃان سمنڊ جي هر هڪ سِپي پياسي آ

اڃان هزار اميدن جا گل ڪومايل
اڃان آ تڙپ، اڃان ڪيئي روح هن گھايل

اڃان سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن
اڃان هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن

اڃان ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
اڃان امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي

اڃان ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم
اڃان ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بم

اڃان به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي
اڃان به ظلم ستم ڪيڏو جا بجا ٿو ٿئي

اڃان ڪُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون
اڃان رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون

اڃان مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾
اڃان آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾

اڃان به ديس جو انصاف آ بيساکين تي
اڃان به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي

اڃان به زندگي جي بيک ٿو گھري ماڻهو
اڃان به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو

اڃان هوا جو بدن چور آهي زخمن سان
اڃان وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان

اڃان ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هن
اڃان هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن

اڃان ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
چوان پوءِ ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>